چمن کانپوءِ افغان فورسز جي طورخم بارڊر تي به فائرنگ

چمن بارڊر تي فائرنگ کانپوءِ افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳين ڪاررواين تي لهي پيو آهي، افغان فورسز طرفان طورخم بارڊر تي پاڪ فوج جي اقبال پوسٽ تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 5 پوسٽن تي فائرنگ جاري آهي..


سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اسان پنهنجي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو ٻڌي رهيا آهيون جو اولاد به پنهنجي والد کي ڪروڙين رپين جا تحفا ڏي ٿو، اسان ته سدائين والدين کي تحفا ڏيندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، ڀلا اهڙو ڪهڙو ڪاروبار آهي جنهن جي وسيلي ايتري رقم اچي رهي آهي،

سينيٽ ڀارتي وزيراعظم جي بي بنياد پروپيگنڊا تي عالمي رد عمل کي ساراهڻ جي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر سحر ڪامران قرارداد پيش ڪئي ته ”هي ايوان گووا ڀارت ۾ تازي منقعد ٿيندڙ برڪس ڪانفرنس دوران جنهن ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي دهشتگردي کي پاڪستان سان منسوب ڪيو ۽ ڀارت ۽ اسرائيل جي وچ ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪئي

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم غلط بياني ناهي ڪئي ته پوءِ استثنيٰ جي ڳالهه ڇو پئي ڪئي وڃي، اسان کي ڏسڻو پوندو ته موجوده دستاويزن تي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو يا نه. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

سنڌ جي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي وفات کانپوءِ نئين گورنر جي مقرري بابت وزير اعظم صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، مشاورت لاءِ سنڌ مان اسماعيل راهو کي طلب ڪيو ويو آهي.

  • >>
  •  9  10 11  12  13  14  15  16  17  18 
  • <<
  •  

    ملٽي ميڊيا

    Pakistan
    Pakistan
    Balochistan
    Balochistan
    KPK
    KPK
    Punjab
    Punjab
    sindh
    sindh