چمن کانپوءِ افغان فورسز جي طورخم بارڊر تي به فائرنگ

چمن بارڊر تي فائرنگ کانپوءِ افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳين ڪاررواين تي لهي پيو آهي، افغان فورسز طرفان طورخم بارڊر تي پاڪ فوج جي اقبال پوسٽ تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 5 پوسٽن تي فائرنگ جاري آهي..


وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪوڙ ۽ الزام هڻڻ واري سياست، سياستدانن لاءِ نقصانڪار آهي، اهڙا ڪوڙ ڳالهايا وڃن ٿا، جن جو ڪو وجود ئي نه آهي، عوام ڪوڙ ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پيو آهي، اوهان ڪوڙ ڳالهائيندي اهڙي جاءِ تي نه پهچي وڃو،

سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا آهن ته شريف ڪٽنب جي بيانن ۾ تضاد موجود آهي، عدالت کي ٻڌائڻو پوندو ته وزيراعظم ۽ سندس پٽن مان ڪنهن سچ ڳالهايو آهي، نواز شريف جي وضاحت سان ڪيس ڪليئر نٿو ٿئي، وزيراعظم جا وڪيل عدالت کي مطمئن ڪن،

ڪراچي (رپورٽر) ليکڪن ۽ دانشورن چيو آهي ته نائلا رند واري معاملي تي سماج اندروني تعصب جو شڪار نظر آيو ۽ غيرذميوار لفظ استعمال ڪيا ويا، نياڻي کي 7 قرآنن جي برابر سمجھڻ جاگيرداراڻو ڍونگ ۽ منافقت کان سواءِ ڪجهه ناهي. اهو سماج نياڻي کي انسان سمجھڻ لاءِ ۽ برابري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هڪ خاص اشرافيا آهي جيڪا ڪردار ادا ڪري پئي.

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند جي پر اسرار موت نئون رخ اختيار ڪيو آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد خادم حسين رند جو چوڻ آهي ته نائلا ذهني دٻاءَ ۾ اچي خودڪشي ڪئي آهي ۽ هن واقعي جا پيرا کڻندي شاگرد انيس خاصخيلي کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن واقعي بابت ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن، انيس قائمخاني خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

  • >>
  •  11  12 13  14  15  16  17  18  19  20 
  • <<
  •  

    ملٽي ميڊيا

    Pakistan
    Pakistan
    Balochistan
    Balochistan
    KPK
    KPK
    Punjab
    Punjab
    sindh
    sindh