چمن کانپوءِ افغان فورسز جي طورخم بارڊر تي به فائرنگ

چمن بارڊر تي فائرنگ کانپوءِ افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳين ڪاررواين تي لهي پيو آهي، افغان فورسز طرفان طورخم بارڊر تي پاڪ فوج جي اقبال پوسٽ تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 5 پوسٽن تي فائرنگ جاري آهي..


پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم جي وڪيل، نواز شريف جي انتظامي عهدن تي رهڻ بابت تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا، اعليٰ عدالت جي ججن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ هو ڪنهن به رخ کي نظرانداز نه ڪندا. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ پانامه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

سنڌ حڪومت ريڊ زون وارن علائقن ۾ جلسن جلوسن ۽ ريلين تي ٻن مهينن جي لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي گهرو کاتي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي .

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هن پاناما ڪيس جي حوالي سان آءِ سي آءِ جي دستاويزن مان ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن. اسان آءِ سي آءِ جي وٽ وياسين ۽ ڪاغذ ڪڍرايا..

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت کاتي ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز سميت مختلف انتظامي عهدن تي مقرر ڊاڪٽرن کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اهو ڊاڪٽرن جو ڪم ناهي، انهن جي فرض ۾ صوبي ۾ بيمار مريضن جي خدمت ڪرڻ آهي، انڪري انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي.

  • >>
  •  13  14 15  16  17  18  19  20  21  22 
  • <<
  •  

    ملٽي ميڊيا

    Pakistan
    Pakistan
    Balochistan
    Balochistan
    KPK
    KPK
    Punjab
    Punjab
    sindh
    sindh