چمن کانپوءِ افغان فورسز جي طورخم بارڊر تي به فائرنگ

چمن بارڊر تي فائرنگ کانپوءِ افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳين ڪاررواين تي لهي پيو آهي، افغان فورسز طرفان طورخم بارڊر تي پاڪ فوج جي اقبال پوسٽ تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 5 پوسٽن تي فائرنگ جاري آهي..


وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آهي ته پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن سان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿو ۽ ان سان گڏيل طور تي فائديمند ۽ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.

ڄام شورو (ڊ ر) مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي نائلا رند جو موت ڳجهارت بڻجي ويو آهي، مختلف رخن کان نائلا جي قتل جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن، سندس موت جي واقعي جو ڊي آءِ جي حيدرآباد خادم حسين رند نوٽيس وٺندي ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ جي نگراني ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي

وفاقي حڪومت 15 مارچ کان مردم شماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جڏهن ته شماريات چيف جو چوڻ آهي ته مردم شماري ٻن مرحلن ۾ ٿيندي ۽ ڳجهن علائقن کي فوج جي حوالي ڪيو ويندو..

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس امير هاني مسلم اورنج لاهين ٽرين منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي آهي جنهن سبب بينچ ٽٽي پئي آهي. سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ لاهور جي اورنج لائين ٽرين منصوبي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي جو آغاز ڪيو ته جسٽس امير هاني مسلم ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.

  • >>
  •  14  15 16  17  18  19  20  21  22  23 
  • <<
  •  

    ملٽي ميڊيا

    Pakistan
    Pakistan
    Balochistan
    Balochistan
    KPK
    KPK
    Punjab
    Punjab
    sindh
    sindh