چمن کانپوءِ افغان فورسز جي طورخم بارڊر تي به فائرنگ

چمن بارڊر تي فائرنگ کانپوءِ افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳين ڪاررواين تي لهي پيو آهي، افغان فورسز طرفان طورخم بارڊر تي پاڪ فوج جي اقبال پوسٽ تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 5 پوسٽن تي فائرنگ جاري آهي..


وزيراعظم نواز شريف سيفٽي انويسٽيگيشن بورڊ جي ذريعي جهاز  حادثي جي جاچ جلد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انڪوائري ڪميٽي ۾ پاڪ فضائيه جو هڪ سينئر آفيسر به شامل هجي. جڏهن ته پي آءِ اي جي عملدارن جهاز کي اڏام جي لاءِ مڪمل طور تي فٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ججز نظربندي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حاضري لاءِ اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف ججز نظر بندي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. .

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو آهي ته پاڪستان خلاف افغان سرزمين استعمال ٿي رهي آهي، ڀارتي ڳجهو ادارو ”را“ افغانستان مان اسلام آباد ۾ دهشتگردي ڪارروائي رهيو آهي، ڀارت ۾ اڪستاني عملي سان ناروا سلوڪ جو مقصد هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي اصل روح تان ڌيان هٽائڻ هو.

سول ايوي ايشن اٿارٽي جهاز حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ايئر ڪموڊور منير بٽ جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري شاهديون گڏ ڪيون، جهاز جو بليڪ باڪس جاچ ٽيم حوالي ڪيو ويو. ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشين جي هدايت تي پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ايئر ڪموڊور منير بٽ جي اڳواڻي ۾ حويليان ويجهو واقعي واري هنڌ پهتي.

  • >>
  •  16  17 18  19  20  21  22  23  24  25 
  • <<
  •  

    ملٽي ميڊيا

    Pakistan
    Pakistan
    Balochistan
    Balochistan
    KPK
    KPK
    Punjab
    Punjab
    sindh
    sindh