والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي وري حملو ٿيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب باره مولا واي علائقي ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ڪيمپ تي حملو ڪيو ويو. اڻڄاتل حملي آور ڀارتي فوج جي راشٽريه رائفل ڪيمپ ۾ گھڙي ويا..

ان دوران فحملو ڪندڙن جي فائرنگ ۾ هڪ ڀارتي فوجي مارجي ويو، جڏهن ته چار ڀارتي فوجي سخت زخمي ٿي پيا. ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته واقعي ۾ 2 حملو ڪندڙ به مارجي ويا آهن. 6 حملو ڪندڙن 2 پاسن کان حملو ڪيو، فائرنگ جو واقعو تقريباً رات جو ساڍي ڏهين وڳي پيش آيو، جڏهن ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود فائرنگ جو سلسلو جاري آهي