اهور(اسپورٽس نيوز) شاهد آفريدي چئمپينز ٽرافي ۾ پاڪ ڀارت ميچ ڏيڻ لاءِ بي تاب آهي. آءِ سي سي لاءِ پنهنجي ڪالم ۾ شاهد آفريدي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن ۾ سياسي ڇڪتاڻ جو خاتمون ۽ باهمي مقابلن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو، .

ان چيو ته روايتي حريفن جي جا مقابلا دنيا جي شوقينن لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻجندا آهن، اميد آهي ته چئمپينز ٽرافي ۾ ٻئي ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. آل رائونڊر چيو ته ڀارت جو ميگا ايونٽس ۾ ماضي جي فتحن سبب نفسياتي فائدو حاصل آهي، جارحاڻي بيٽنگ ۽ بهترين بالنگ لائن اپ به روايتي حريفن جي ميچ ۾ دلچسپ بڻائي ڇڏيندي، مقابلو ڏسڻ لاءِ گهڻو بيتاب آهيون ياد رهي ته پاڪ ڀارت ميچ 4 جون تي شيڊيول آهي