ڀارتي فوجي جي پنهنجي اداري بابت شڪايت کان پوءِ پوليس اهلڪار جي ويڊيو به سامهون اچي وئي آهي، جڏهن ته ويڊيو ۾ اهلڪار عوام جو ڌيان پنهنجي اداري جي خامين ڏانهن ڇڪائي رهيو آهي. .

ڀارتي سينٽر ريزرو پوليس فورس جي جوان جيت سنگهه وزيراعظم نريندر مودي کي ڏوراپو ڏيندي اهلڪار چيو ته سي آر پي جا اهلڪار هن ملڪ ۾ ڪهڙي ڊيوٽي سرانجام نٿا ڏين….؟ هن وڌيڪ چيو ته لوڪ سڀا جي چونڊن، راجيا سڀاچونڊن، وي آءِ پي سڪيورٽي، وي وي آءِ پي سڪيورٽي، ايئرپورٽ، مندر، مسجد ۽ گردواري سميت ڀارت ۾ ڪا اهڙي جگهه ناهي جتي سي آر پي جا جوان پنهنجو ڪردار ادا نه نٿاڪن، ايترو ڪرڻ باوجود به ڀارتي آرمي ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن جي مقابلي ۾ سي آر پي کي ملندڙ پگهارن ۽ سهولت ۾ گهڻو فرق آهي