ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ اويالا واڊانر اسمها ريڊي جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ ڏکڻ انڊين فلمن جي سپر اسٽار چرن جيوي سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي. .

ڀارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته چرن جيوي جي هن فلم سان فلمي دنيا ۾ واپسي ٿيندي. فلم جي حوالي سان فلمسازن ايشوريا سان رابطو ڪيو آهي پر ان جي اڃا باضابطه تصديق ٿيڻي باقي آهي، جيڪڏهن ايشوريه فلم لاءِ ها ٿي چوي ته هي ان جي پهرين تيلگو زبان جي فلم هوندي. فلم جي شوٽنگ جون ۾ شروع ڪئي ويندي