هيهڪ لوڪ گيت جي سٽ آهي ، لوڪ گيت سنڌ جو روايتي گيت آهي جيڪو گھڻو ڪري سنڌ ۾ عورتون وڏي ڪثرت ۽ چاھ  سان  ڏڌ ولوڙيندي ، گاھ ڪندي ، سلائي سبائي ڪندي ، لابارو ڪندي ، رڌڻي ۾ رڌ پچاءُ ڪندي ، ڪپڙا ڌوئيندي ، ول سٿيندي ، رلي سبندي ، ڀرت ڀريندير  ڳائينديون رهنديون ۽ جھونگارينديون رهنديون آهن

.سندن آواز ۾ سر سنگيت جي سرن جي ورکا تاڙي جي تال سان جھمر جي رقص سان جھومي اٿنديون آهن مور پکي جو رقص ياد اچي ويندو آهي ،  جنهن ڪري عورتن جي  لاءِ هي صنف وندر واري رهي  آهي . ان کان سواءِ وهانءَ شادي مرادي جي موقعن ۽ ڇٺي جي موقعن تي پاڻ ۾ عورتون گڏجي ڳيچ ڳائينديون آهن .  جيڪا سندن پراڻي  ثقافت آهي   لوڪ گيت کي ٻين علائقائي نالن سان به سڏبو آهي جن ۾ سهرو “سينهرو”  لاڏو ، گيت ، ڳيچ ۽ لوڪ گيت شامل آهي ، لوڪ گيت لوڪ ادب جي  صنفن مان هڪ نمايا صنف آهي .هن صنف تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي پي ،ايڇ ،ڊي ٿيل آهي . اهو پنهنجي پي ايڇ ڊي واري ڪتاب “ سنڌو جا گيت ” ۾ لوڪ ادب جي باري لکيو آهي ته ٿورن گھڻن لفظن ۾ لوڪ ادب اهڙڌي ادب کي چيو وڃي ٿو . جيڪو ڪنهن هڪ ماڻهوجي نه پر سڄي عوام جي تخليق هجي ۽ هر ماڻهون ان کي پنهنجي دل و جان سان قبول ڪندو هجي .

لوڪ ادب هر ٻولي ۾ ٿئي ٿو . لفظ ٿوري گھني فرق سان دنيا جي مختلف ٻولين م ڪتب اچي ٿو جيئن پراڪرت ، اردو ، هندي ۽ پنجابي ۾ لوڪ ۽ لوگ انگريزي ۾ فوڪ ۽ جرمني م ووڪ  ڪم آندو وڃي ٿو انريزي ۾ لفط فوڪ جي معنا ماڻهون يا عوام آهي . مطلب ته عوام جي ادب کي فوڪ يا لوريا لٽريچر سڏين ٿا سنڌي ۾ لوڪ لفظ سنسڪرت مان ايو آهي جنهن جون مکيه معنائون آهن. 1 سنسار 2  ڌرتي 3قوم، قبيلو، سماج 4، رعيت ،پرجا 5 عام ماڻهون. ( ص19 )

لوڪ گيت اهڙي شاعري کي چيو ويندو آهي جنهن جي شاعر جي سڌ نه هجي پر عوام ۾ ايترو مقبول هجي جو سڀ ڪو انکي پنهنجو سمجھي اهو عوام جو آواز هجي جنهن ۾ گھڻي ڀاڱي اجتمائي جذبن احساسن آسن اميدن ، ڏکن سکن جي ترجماني ٿيل هجي لوڪ گيت ۾ همرچو، هوجمالو ، ڳيچ ، ڪوڏاڻو ، مورو ،ڇلڙو ، لولي ، ڪجليون، ٻيلڻ ، هڏڪي ، ونجارو وغيره صنفون شامل آهن (51ص) . لوڪ گيت جي وصف منهنجي مطابق “ اهڙي شاعري جي صنف جنهن ۾ ڪنهن به ماڻهو جا وصف بيان ٿيل هجن بل فرض ، وار ، ڪپڙا ، ڏند ، اکيون ، ڪجليون ، ڪاريون ، شرابي ،شيريون ، نشيليون  هٿن ، پيرن ، بدن ، چپن جي  خوبصورتي، سونهن ۽ سوڀيان  بيان ٿيل هجي يا ڪنهن قوم جي ثقافتي پوشاڪ اجرڪ ، ٽوپي ، جنجي ، گوڏ ، سلوار، قميص ، پوتي ، پهراڻ ، ڇال ، لوئي ، گج ، نٿ ، ڳهن ۾  والا ، نسبيون ، ايرينج ، پنڙن ، جھومڪن ، دهري ، ڇٽ ، لونگ ، ٻانهيون ، پازيل ،هس ڳي ڳالھ شامل هجي ، سرخي ، سر مو ، ڪجل ، مسي،  مساڳ ۽ مشهور شهرن  جو ذڪر ٺهڪندڙ لفظن سان بيان ڪيل هجي ته انکي لوڪ گيت سڏبو آهي”. هن شاعري جي صنف ۾ اڪثر شاعر جي نالي جي خبر نه پوندي آهي.گھڻو ڪري ته عورتون پنهنجو پاڻ به ڪي لاڏا جوڙينديون آهن جيڪي اڻپڙهيل هجڻ ڪري نالو ڪتب نه آڻي سگھنديون آهي لوڪ گيت ۾ ڪتب ايندڙ ساز دهل ۽ شراناءِ هوندا آهن جن کي وڄائڻ جو ڪم ميراسي ۽ مڱڻهار سر انجام ڏيندا آهن جن جا راڄ ورهايل هوندا آهن هر ڪو پنهنجي پنهنجي راڄ ۾ وڄت ڪندو آهي کيس عورتون جيڪي سڏ صلح ڀرڻ لاءِ ڇني وارن وٽ اينديون آهن اهي راڄوڻي رسم موجب گھور ڏينديون آهن. دهل جي وڄتي کي دهلائي ۽ شراناءِ جي وڄتي کي شرنائي سڏبو آهي .لوڪ گيت جي ڌن ۽ دهل جي وڄت تي جڏهن عورتون پنهنجي ثقافتي رڪس جھمر هڻنديون آهن اها ڏسڻ وٽان هوندي آهي سنڌ۾ جھمر جو رواج 712 هجري ۾ پيو جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي پر ان کان پهريان موهن جي دڙي مان هٿ ايندڙ نچڻي جي مجسمي مان به محسوس ٿي رهيو آهي سنڌ ۾ جھمر ، رقص جي روايت جا پڪا چٽا دليل آهن. جيڪي تاريخ دز ۾ دنڌلا ناهن ٿيا .سهڻا تون نه وڃ لاڙ لفظ لاڙ بهترين اسم آهي جيڪو سنڌ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو .

لاڙ سنڌ جي پراڻي زماني کان مشهور شهر رهيو آهي جنهن جو ذڪر هن لاڏي ۾ ٿيل آهي جنهن جي  باري ۾ گھڻو ڪري عورتون جڏهن به گھوٽ جي لاءِ جھومڪ يا پنڙا يا ايرينگن گھرائڻ جي ڳالھ ڪنديون آهن تههي لوڪ گيت ۾ اهو  چونديون آهن نٿ ته ادل جي لاڙئون آڻايان لفظ لاڙ جي ٻئي معنا “ور ، وڪڙ ، لاڙو” به ٿيندي  آهي .پر هتي لاڙ مان مراد شهر ئي  آهي. ڳالح ڪبي جي پکي جي ته لفظ پکو مان مراد ونجڻو آهي. جيڪو کجي جي بڙڇي ، ڇڙهي مان ٺهيل هوندو آهي . انکي خوبصورت ڪرڻ لاءِ کجي جي ڦرهن کي رنگين رنگن سان رنگي ، موتي مڻيا هڻي ڪپري جي جھل وجھي  تيار ڪري مارڪيٽ م وڪرو ڪيو ويندو آهي جتان گھوٽ جي لاءِ ڏاج خريد ڪري جھلڻ لاء ورتو ويندو آهي. جيئن جيئن دنيا ۾ ترقي ٿي آهي انهيءَ مناسبت سان ونجڻ، پکن جي تياري ۾ ترقي ٿي آهي .   هاڻي ونجڻا ، پکا  به جديد ٿي ويا آهن . جيڪي مختلف  آلاتن مان جڙي تيار ٿي  رهيا آهن.  جيئن ڊڀ جي تيلين مان ، ڪلر جي ٻاچڪن مان ، جوس جي دٻن مان ، ٽوپڻ جي تيلين وغريره مان خوبصورت ونجڻا جڙي تيار ٿي مارڪيٽ ۾ وڪامي رهيا آهن . جيڪي شادين ، وهاون ، ڪاجن ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار کي ڀينرون يا مائرون جھلينديون آهن . پکو به سنڌي ثقافت جو حصو آهي . اها انهن جي هڪ قسم جي باس به هوندي آهي رب پاڪ منهنجي ڀاءُ کي گھوٽ ڪري ته مان انکي ميندي لائيندس مان انکي ونجڻو هڻندس . لوڪ گيت ڳائيندڙن ۾ مرکان شيخڻ ، مائي ڀاڳي ، زرينا بلوچ ، ربينا قريشي ، امينا ، زيب النساءِ ، طالب خان پالاري ، فپزيه سومرو ۽ آسيا بوچ شامل آهن . جن لوڪ ادب جي صنف لوڪ گيت کي مٺڙي آواز ۾ سر ۽ جھيل ڳائي مقبوليت ماڻي آهي .