سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو چونڊن سان ڪو به واسطو ناهي هوندو، عمران خان جي فضول ڳالهين جو جواب ڏيڻ مناسب نه ٿو سمجهان، رٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪميشن مقرر ڪندي آهي. .

اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي افتخار محمد چوڌري چيو ته عدليه ۽ دفاع ٻه اهم ادارا آهن، آئين ۾ ٻنهي جو ڪردار واضح آهي، ڪنهن کي به عدليه ۽ فوج  بابت ڳالهائڻ نه گهرجي، عدليه جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ انصاف جو مان مٿانهون ٿئي، هن چيو ته عدليه پهرين به انصاف جي لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي ۽ اڳتي به اهو سلسلو جاري رهندو ۽ کيس يقين آهي ته ادارن ۾ ڇڪتاڻ نه ٿيندي. هن چيو ته عدليه ملڪ جو اهم ٿنڀ آهي، عدليه سان لاڳاپيل ماڻهن جو ڪم ملڪ ۾ احتساب جو نظام قائم ڪرڻ آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جو مضبوط بنياد رکي ڇڏيو آهي، هاڻي ان کي ڪو به خطرو نه آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو چونڊن سان واسطو ناهي هوندو ۽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ۽ هو عمران خان جي الزامن کي صحيح نه ٿو سمجهي ۽ نه ئي فضول ڳالهين جو جواب ڏيڻ مناسب سمجهي ٿو