پهرين ئي البم جي شهرت جي بليندين تائين پهچڻ وارو نامور گلوڪار عاطف اسلم پنهنجي 34هين سالگرهه ملهائي، عاطف اسلم 12 مارچ 1983ع تي پنجاب جي شهر وزيراآباد ۾ پيدا ٿيو، عاطف اسلم پنهنجي ڪيريئر جو آغاز 2004 ۾ ڪيو. ننڍپڻ سان ئي ڪرڪيٽر ٿيڻ جو شوقين عاطف اسلم کي ڪاليج ۾ ميوزڪ سان محبت ٿي ۽ جيئن وڌي ته عادت ئي بڻجي وئي.

عاطف اسلم جو پهريون گانو جل پري ماڻهن کي پنهنجي طرف 2004 ۾ وڌايو. ۽ هن ئي البم ۾ اهڙي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي ته ميوزڪ سان ان کي دوري ”ڦر سهي نه جائي نه“ پاڪستان جا بهترين گلوڪارن تي هميشه سان بهارت جي نظر رهي آهي، پنهنجي فلمن جي لاءِ بالي ووڊ ۾ بيسٽ پلي بيڪ سنگر جي صورت ۾ عاطف اسلم پهرين نظر ۾ ئي جادو ڪري ويو. بالي ووڊ ۾ جنهن به فلم کي سپر هٽ ڪرڻو هوندو آهي ته عاطف اسلم جي آواز ئي ان جو ڪم ڪري وٺندي آهي. جتي لکين مخالفتن جي باوجود ان جي مقبوليت ۾ اضافو ئي ٿيو آهي. گلوڪاري جي ميدان ۾ ڪافي ايوارڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ عاطف اسلم پنهنجي ڪيريئر ۾ اداڪاري سان گڏ گلوڪاري جا جوهر به ڏيکاريا. 2011ع ۾ پهريون دفعو عاطف پاڪستان فلم ”بول“ ۾ ڪم ڪيو. اسٽيج تي پنهنجي مداحن کي ديوانو ڪرڻ جو اعزاز ليڊي گاگا وٽ هو، اهو اعزاز به عاطف اسلم کڻي ويو.