پاڪستان پيپلزپارٽي جي رهنما ۽ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته عمران خان جي يارهن مئي جي ڌرڻي جي حمايت ڪريون ٿا، چار تڪن جي بائيو ميٽرڪ ڳڻپ ڪرائي وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته اسلام آباد پاڪستان جو حصو آهي. اُتي پرامن احتجاجي مظاهرو.

ڪري سگهجي ٿو، احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي، مظاهري ۾ 30 کان 40 هزار ماڻهو گڏ ٿي ويندا، طاهر القادري به پنهنجا ڪارڪن موڪليندو. هن پهرين سياري ۾ احتجاج ڪيو پر هاڻي گرمي ۾ احتجاج ڪرڻو پوندو. اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي تصوير ڏيکاري ان کي جوابدار ثابت ڪرڻ غلط قدم هو پر ان باوجود ڪنهن به چينل جي بندش خلاف آهيون