تحرير شير محمد سولنگي 

هڪ ته پاڪستان جو عوام ملڪ جي سياستدانن جو ڪڙو احتساب ڏسڻ چاهي ٿو. سنڌ ۾ جيڪو حشر سياستدانن ڪيو آهي ان کان رياست ۽ عوام باخبر آهي .

جيڪڏهن اخبارن پڙهجن ٿيون هر روز سنڌ عوام جي دانهن ڪوڪن سان ڀريو پيون آهن جن ۾ رڳي رڙو رڙ ڪرپش جي آهي . جيڪڏهن ڳالھ ڪيون ثبوتن جي ته ڪير ثبوت پيش ڪندا نيب وارا ، يا سنڌ جو عوام جن کي سنڌ جا ڪرتا ڌرتا حڪمران گاھ ئي نه پيا وجھن . جيتري قدر ڳالھ آهي ثبوتن جي ثبوت گڏ ڪرڻ نيب جو ڪم آهي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ڪنهن ڍر ڏيڻي آهي ته پوءِ ائين چونداسين ته ڳئون آئي ۽ ثبوت کائي هلي وئي .  هڪ ته سنڌ ۾ ڪرپشن جا هوڪا ٻڌي ٻڌي ڪن ئي سور ڪري ويا آهن ٻيو ته نيب جي لاپرواهي به سمجھ ۾ نه پئي اچي توڙي جو نيب ڀي سنڌ جي عوام جي توجه جو مرڪز بڻيل هوندي هئي . هر ڪو ڪن ڏيون ويٺو هو ته سنڌ ڄاڻ نيب کڙڪو ڪيو پر سنڌ ۾ نيب ته ڪلين چٽ ڏيڻ تي لهي آئي آهي . جيڪڏهن نيب سنڌ ۾ تڪڙا ۽ ڌڳڙا قدم نه کنيا ته نيب ڏانهن پنجاب مان آڱـريون ضرور کڄنديون ۽ کڄي به رهيون آهن پر پوءِ نيب پرواھ نه پئي ڪري سنڌ جي ڪافي ڪامورن ۽ سياسي پناھ ۾ لڪل ماڻهن کي ساک بهتر ناهي . ڪجھ نالا اهڙا آهن جن ن جا نالا جانچ لاءِ منظور ڪيا ويا آهن پر خبر ناهي ته انهن کي بهڪا رعايت ملندي يا انهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو هڪ هڪڙا ماڻهون ملڪ کي لٽي ملڪ مان فرار ٿي ويا آهن جيڪي لڪي ويا آهنه کي پر پٺ ڪلين چٽ ڏيڻ يا اعلان ڪرڻ ته هن هٿ صاف آهن پر اهي ويچارا پاڻ گنهگار سمجھي رهيا آهن جيڪي پاڻ ورڻ ئي پسند نه پيا ڪن اهڙن ماڻهن لاءِ ڪلين ڍٽ سا به نيب جي محڪمي مان جتي کين ملڪ جي پائي پائي جو حساب ڏيڻو آهي خبر ناهي نيب انهن جي مٿان لڳل الزامن جي ڪيئن پئي پوئواري ڪري ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ نيب ڪيسن جي بندش جي حوالي سان شايع ٿيل خبر جي سختي سان ترديد ڪندي ان کي بالڪل بي بنياد قرار ڏنو آهي. ڇنڇر تي نيب طرفان جاري وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيب سنڌ طرفان سياستدانن خلاف ڪيسن جي بندش جي خبر درست ناهي، قومي اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر خلاف ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو پر سندس مڙس خلاف آمدني جي ذريعن کان هٽي ڪري اثاثا ٺاهڻ جي الزامن تي جاچ 17 جنوري 2016ع تي شروع ڪئي وئي جنهن ۾ سندس دولت جو رڪارڊ ورتو ويو ۽ سندس بيان به رڪارڊ ڪيو ويو. ان جاچ ۾ اهي الزام ثابت نه ٿي سگهيا ۽ ايگزيڪيوٽو بورڊ 21 ڊسمبر 2016ع تي اهو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو. اويس مظفر ٽپي خلاف انفرادي طور تي ڪو ڪيس نه هو پر ڪراچي ۾ ايراضي جي الاٽمينٽ بابت ڪيس ۾ حڪومتي اختيارين تي اثر انداز ٿيڻ جو الزام هو تنهن ڪري هو جاچ جي عمل جو حصو بڻيو ۽ کيس نوٽيس به جاري ڪيو ويو، سهيل انور سيال ۽ ڄام خان شورو خلاف ڪو ڪيس شروع نه ڪيو ويو.ضياءُ النجار خلاف نيب سکر مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزامن تي جاچ ڪئي جيڪا مڪمل ڪئي وئي ۽ ان خلاف ريفرنس فائل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. مڪيش ڪمار چاوله خلاف ڪيس جي بندش جي خبر ڏني وئي پر حقيقت اها آهي ته سندس خلاف ڪو ڪيس ناهي داخل ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪا شڪايت وصول ٿي. پير مظهرالحق کي مقررين ۾ ملوث هئڻ تي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو، اهي مقرريون مبينا طور تي 2600 جي لڳ ڀڳ هيون پر اهڙو ڪو رڪارڊ ناهي مليو ته هن ڪو ڪم ڪيو ۽ نه ئي کيس پگهار ملي ۽ نه ئي وزير جي ان ۾ ملوث هئڻ جون ڪي شاهديون مليون پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ تعليم کاتي طرفان غير قانوني مقررين جي جاچ ٿي ۽ 5 ريفرنس نيب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، انهن ۾ ميرپورخاص مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو ۽ حيدر آباد شامل آهن ،ان کان علاوه اڪرام ڌاريجو ۽ گهوُٽڪي جي مهر ڀائرن خلاف نيب ۾ ڪو ڪيس نه هو. منظور قادر ڪاڪا خلاف 7 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ڇنڊ ڇاڻ بعد ريفرنس فائل ڪيو ويندو.  جيڪڏهن سنڌ جا سياستدان ۽ ڪامورا مقدس آهن ۽ انهن سنڌ جي خزاني مان نڪرندڙ مختلف ترقياتي ڪمن جي نالي تي ڏوڪڙ ناهن کاڌا ته پوءِ هي ميڊيا تي دانهون عوام ڇو پيو ڪري هاڻي نيب ائين ڪرڻ گھرجي ته  سنڌ جي اٻوجھ ۽ بي سهارا ماڻهن کي دڙڪا ڏئي خاموش ڪرائي اهو انڪري ته کين ڪا دانهن ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ئي نه ايندي هي سنڌ جي عوام کي ڪهڙي مرض جي ستي پياري پئي وڃي . نيب جي سستي واري عمل مان لڳي رهيو آهي سنڌ جو عوام ڀلي دهل وڄائيندو وتي پر کين ڪجھ ڪين ورندو هي به سنڌ جي عوام کي خاموش ڪرائڻ جو طريقو آهي پوءِ ته نواز شريف جو موقف درست آهي نيب فقط پنجاب ۾ سرگرم آهي سنڌ ۾ ڪجھ ڪين ڪري پئي سنڌ ۾ نيب ننڊون ڪري رهي آهي جڏهن سنڌ ۾ ڪرپش جي بازار ساڳئي ئي گرم لڳي پئي آهي جيڪڏهن سنڌ ۾ نيب اکيون نه پٽيون سنڌ جا وستي واهڻ عجائب گھرن جهڙا کنڊر بڻجي ويندا سنڌ جي روڊن رستن ۽ سرڪاري ادارن ۾ جهڙي نموني ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي اگر هڪ پاسي ڪم مڪمل ئي مس ٿيندو آهي ٻئي پاسي کان چاپڙ ڪرڻ سروع ٿي ويندا آهن . روڊ ٺهي ئي مس تيار ئي مس  ٿيندو آهي ته اکڙڻ شروع ٿي ويندو آهي . اسپتالن دوائون ناهن ، ٿر ۾ غذائي کوٽ جو محران هلي رهيو آهي . سنڌ پاڻي جو هٿرادو بحران هلي رهيو آهي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه پيو ملي. ان سنڌ جي اوني جو نيب کي ڪو به فرق ناهي لڳي پيو ته ڪرپشن ڪرڻ وارن سان سنڌ ۾ ملي وئي آهي يا ڀاڱي ڀائيوار آهي . چور چوري ڪندو آهي ته اهو به ڪي ثبوت ڇڏي ويندو آهي هي صوبائي ڪرپشن جو معاملو آهي سنڌ ۾ ڪرپشن جي ثبوتن جا ابا ڏاڏا ملي ويندا . ڪهڙي سياستدان وٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثه ناهن . ڪنهن وٽ مني ٽريل موجود آهي فقط سنڌ ۾ نيب جن کي ثبوت نه هجڻ ڪري ڪلين چٽ ڏني آهي انهن جا اثاثه ۽ مني ٽريل جي گھر ڪري ته کير ۽ پاڻي کين نظر اچي ويندو .