پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته قائداعظم جي پاڪستان ۾ انتهاپسندي جي گنجائش ناهي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي وفد ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، اهي انسانيت جا قاتل آهن،

هن چيو ته سفارش، اقربا پروري ۽ ڪرپشن کي ڪڏهن برداشت ناهي ڪيو، هن چيو ته مڪاني حڪومتن کي مالي ۽ انتظامي خودمختياري ڏني وئي آهي، اسڪولن ۾ انرولمينٽ جي شرح 90 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، هلندڙ سال 80 هزار استادن کي ڀرتي ڪيو ويندو.