حويليان لڳ جهاز حادثي ۾ فوت ٿيل نعت خوان جنيد جمشيد جي فوت ٿيڻ تي شوبز سان لاڳاپيل شخصيتن پنهنجي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ادارڪارا ماريه واسطي جنيد جمشيد جي وفات کي وڏو سانحو قرار ڏيندي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جنيد جمشيد بيحد سٺي اخلاق جو مالڪ هو.

۽ سڀني سان سٺي نموني ملندو جلندو  ۽ ڳالهائيندو هو جڏهن ته تازو ئي هو منهنجي پروگرام ۾ به شريڪ ٿيو هو. ناليواري فنڪار فخر عالم جهاز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته بدقمستي سان جنيد جمشيد به حادثي جو شڪار ٿيل جهاز ۾ سوار هو، هو ڏاڍو سٺو انسان هو.  مون ان سان گڏ ڪيو ڪيو آهي ۽ ڪيترائي دورا به ڪيا. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ ڪو معجزو ڪري وجهي جنهن سان جهاز سوار ڪجهه ماڻهن زندهه بچي پون. پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي ناليواري ڳائڻي علي عظمت چيو ته هن وقت تائين صدمي ۾ آهيان ۽ مون کي ان حادثي جو يقين ئي نه پيو اچي، الله تعاليٰ جنيد جي مغفرت فرمائي. هن چيو ته جنيد جمشيد پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي سٺا ڪم ڪيا ۽ ڏاڍو سٺو ۽ پيار ڪندڙ انسان هو. اهڙا ماڻهو دنيا ۾ گهٽ ايندا آهن. جنيد جمشيد جي وفات تي ناليواري ڳائڻي ابرار الحق چيو ته جنيد جمشيد رشتا نڀائيندڙ سٺو انسان هو ۽ وڏي دل وارو ماڻهو هو. گلوڪار سجاد علي ۽ شهزاد راءِ به جنيد جمشيد جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي