پاڪ فوج پاران سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ردالفساد جي نالي سان آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنر آصف غفور موجب پاڪ فوج جو اعليٰ سطحي اجلاس آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه جي صدارت هيٺ ڪور هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ ٿيو

، جنهن ۾ پنجاب جي ڪور ڪمانڊرن ۽ ڊي جي رينجرز شرڪت ڪئي، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ” آپريشن رد الفساد“ جو مقصد بنا فرق دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ آهي، آپريشن سان ملڪ مان شدت پسندي ۽ دهشتگردي جي خطري کي ختم ڪيو ويندو، ملڪ کي ڌماڪيدار مادي ۽ غير قانوني هٿيارن کان پاڪ ڪيو ويندو، پنجاب ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رينجرز وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪندي، دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا ادارا معاونت ڪندا، آپريشن نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي، جنهن جو اهم مقصد نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد آهي، آپريشن ۾ پاڪ فوج، فضائيا، بحريا ۽ سول آرمڊ فورسز سميت ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به شامل هوندا، آپريشن جو مقصد هن وقت تائين حاصل ڪيل ڪاميابين کي مستحڪم ۽ سرحدي سلامتي کي يقيني بڻائڻ آهي، آپريشن سان سرحدن تي سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان آرمي طرفان حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان وچ ۾ امن ڳالهين جي ناڪامي ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي کانپوءِ پاڪ فوج جون 2014ع ۾ اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو، اتر وزيرستان جي تعلقي مير علي کي دهشتگردن کان خالي ڪرائڻ بعد سيڪيورٽي فورسز آپريشن جو دائرو اتر وزيرستان جي ٻين علائقن تائين وڌايو ويو، جنهن ۾ فورسز کي وڏيون ڪاميابيون مليون، پاڪ فوج طرفان خيبر ايجنسي ۾ آڪٽوبر 2014ع ۾ آپريشن ”خيبر ون“ شروع ڪيو ويو، جڏهن ته مارچ 2015ع ۾ آپريشن ”خيبر ٽو“ شروع ڪيو ويو.