تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم بڻجڻ جو شوق هجي ها ته 11 مئي جي نتيجن کي ئي تسليم نه ڪريون ها، وزيراعظم بڻجڻ جي انهن کي خواهش هوندي آهي جن کي فيڪٽريون ۽ بنگلا نظر اچن ٿا، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي .

عمران خان چيو ته مون سياست صرف پاڪستان جي بهتري لاءِ شروع ڪئي آهي ۽ ملڪي مفادن ۾ 11 مئي جي چونڊ نتيجن کي تسليم ڪيو، جيڪڏهن وزيراعظم بڻجڻ جو شوق هجي ها ته چونڊ نتيجن کي ئي نه تسليم ڪريون هاهن چيو ته وزيراعظم ٿيڻ جو انهن کي شوق هوندو آهي جن کي محل ۽ فيڪٽريون نظر اچن ٿيون، مون کي انهن شين جو ڪو به شوق نه آهي. هن چيو ته اسان صرف ملڪ ۾ شفاف چونڊون چاهيون ٿا، جنهن جي لاءِ چئن تڪن ۾ آڱوٺن جي تصديق جي درخواست ڏني ته خبر نه آهي ته اهو ڪهڙو خوف آهي جنهن جي ڪري اڃا تائين انهن تڪن ۾ آڱوٺن جي تصديق جو مرحلو شروع ناهي ڪيو. هن چيو ته اسان کي اليڪشن ٽربيونل چئن مهينن جو وقت ڏنو پر حالتن کي ڏسندي چونڊن جا مسئلا 5 سالن تائين حل ٿيندي نظر نه پيا اچن. هن چيو ته اسان انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ اليڪشن ٽربيونل تائين وياسين ۽ سمورا قانوني رستا اختيار ڪيا، هاڻي ڪو به اهو نه ٿو چئي سگهي ته اسان جمهوريت کي نقصان پهچايو