اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته افغان سيڪيورٽي ايجنسين کان سندن ملڪ نه پيو سنڀلجي، پاڪستاني شهرين تي گولا اڇلائي غلط روايت قائم ڪئي وئي،

افغان فورسز ٻين جي اشاري تي ڪارروائي ڪئي آهي. چوڌري نثار آءِ جي ايف سي ميجر جنرل نديم احمد انجم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري چمن واقعي بابت بريفنگ ورتي. آءِ جي ايف سي کيس ٻڌايو ته آدمشماري ۾ مصروف سيڪيورٽي فورسز تي بنا جواز گولا باري ڪئي وئي. چوڌري نثار، پاڪ فوج ۽ ايف سي جي ٻن جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افغان سيڪيورٽي ايجنسين کان سندن ملڪ نه پيو سنڀلجي، پاڪستاني شهرين تي گولا اڇلائي غلط روايت قائم ڪئي وئي. چوڌري نثار چيو ته ٻين جي اشاري تي ڪارروائي ڪندڙ افغان فورسز جي حملي جو پاڪ فوج وقت سر جواب ڏنو