دبئي (م ڊ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته حافظ سعيد کي دهشتگرد نٿو سمجھان، هو هڪ بهترين اين جي او هلائي رهيو آهي. دهشتگرد ته ڀارتي فوج آهي جيڪا والاريل ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين تي ظلم برپا ڪري رهي آهي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيو. پرويز مشرف وڌيڪ چيو ته لشڪر طيبه ڪالعدم پارٽي ناهي،

جيڪڏهن ڪير ڀارت ۾ وڃي هٿين خالي ڪشميرين خاطر ڀارتي فوج سان وڙهي ٿو ۽ مسلمانن جي مدد ڪري ٿو ته ڇا اها دهشتگردي آهي؟ هن چيو ته مون پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪنهنجي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي. مون تي دستاويز لڪائڻ جا الزام بي بنياد آهن. مون دبئي اچي محنت سان پيسا ڪمايا، مون کي هتي 40 منٽن جو ليڪچر ڏيڻ تي ڏيڍ لک رپيا ملندا آهن.