آمريڪا جي صدارتي چونڊن جو ٻيو بحث به هليري ڪلنٽن کٽي ورتو، مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هليري ڪلنٽن 34 جي مقابلي ۾ 57 پوائنٽن تان ڪاميابي ماڻي. واشنگٽن جي سينٽ لوئس يونيورسٽي ۾ آمريڪي صدارتي اميدوارن ڊونلڊ ٽرمپ .

۽ هليري ڪلنٽن وچ ۾ بحث ٿيو. بحث دوران ٻنهي اميدوارن هڪٻئي کي ڪوڙ، غير حقيقت پسند ۽ صدارتي اميدوار لاءِ نااهل قرار ڏنو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته تازو ئي منظر عام تي آيل سندس وڊيو تي هو فخر محسوس نٿو ڪري، جڏهن ته آمريڪا جي سياسي تاريخ ۾ بل ڪلنٽن کان وڌيڪ عورتن جي توهين ڪنهن به ناهي ڪئي. هليري ڪلنٽن چيو ته حڪومتي معاملن ۾ ذاتي اي ميل جو استعمال سندس غلطي هئي پر اها ڳالهه طئي آهي ته اي ميلز غلط هٿن تائين ناهن پهتيون. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هليري ڪلنٽن جي اي ميلز بابت هو خاص طور پراسيڪيوٽر مقرر ڪندو، هليري صدارتي حيثيت ۾ ذاتي اي ميل استعمال ڪري ها ته هن وقت جيل ۾ هجي ها