پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مردم شماري جي آغاز سان ئي لاهور ۾ دهشتگرداڻي حملي جا اطلاع هئا. بيديان روڊ تي مردم شماري ٽيم جي گاڏي ۾ آپگهاتي ڌماڪي کان پوءِ راڻا ثناءُ الله ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻن فوجين ۽ ٻن شهرين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي

. قانون واري وزير چيو ته مردم شماري ٽيم کي ڪور ڪندڙ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته ڪافي ڏينهن کان اطلاع ملي رهيا هئا ته انهن ٽيمن کي نشانو بڻايو ويندو. هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جون پناهگاهون آهن ۽ اتي کان آپگهاتي بمبار تيار ڪري پاڪستان موڪليا ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي خطرا رهندا. دشمن اسان نقصان پهچائڻ جي لاءِ وڌائي سڌائي ڳالهيون ڪندا آهن.