صبح سوير سان ئي پارٽي ڪارڪنن ۽ جيالن جي گاڏين جا قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا هئا جيڪي ملڪن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھڙهي خدا بخش ڀٽو پهتا ته ڪارڪن ۾ تمام جوش ۽ جذبو نظر آيو خاص ڪري گاڏين کي جھنڊين ۽ بينرن سان سينگاريل هو تقريب جي سيڪيو رٽي جا انتظام سخت ٿيل هو

. ان موقعي تي  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ وزيراعظم کي اها خراب راند نه کيڏڻ ڏيندي، هن ڳڙهي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن کان ڇوٽڪاري جو وقت اچي ويو آهي، هن چيو ته پ پ ايندڙ چونڊن لاءِ تيار آهي، سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ميان صاحب شادي حال ۾ سياسي جلسو ڪيو، هن چيو ته سنڌ جي عوام کي سياسي رشوت ڏيڻ بند ڪئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ميان صاحب پاڪستان جو عوام اوهان کان ۽ اوهان جي ننڍي ڀاءُ کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي، هن چيو ته حڪمرانن ۾ صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، سندس چوڻ هو ته حڪمران صرف ڪرپشن جي ڪمائي بچائڻ ۾ مصروف آهن، هن چيو ته حڪمرانن کي صرف پاناما ڪيس بچائڻ جي پريشاني آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ميان صاحب کان پڇا ڪيان ٿو ته ترقي ڪٿي پئي ٿئي، جيڪڏهن ترقي ٿئي پئي ته بجلي ۽ گئس جي قلت ڇو پئي ٿيندي وڃي، هن چيو ته ميان صاحب جي ترقي صرف اشتهارن تائين محدود آهي، سالانو اربين رپيا اشتهارن تي خرچ ڪيا پيا وڃن، سندس چوڻ هو ته ميان صاحب توهان پنهنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي ٿا سگهو عوام کي نه، هن چيو ته ميان صاحب پنجاب جو عوام اوهان جي ننڍي ڀاءُ مان ڇوٽڪارو ٿو چاهي، سند چوڻ هو ته ميان صاحب سنڌ جو عوام اوهان کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو.

پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي طرف ميري اک ڪري ڏسڻ وارا ٻڌي ڇڏيو اسان ڪنهن کان به نٿا ڊڄون، هن چيو ته هن سال ئي چونڊن لاءِ تيار آهيون، ڀرپور مقابلو ڪنداسين، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ واعدو ڪندي چيو ته ايندڙ حڪومت ٺاهي ڏيکاريندس ۽ وزيراعظم به اسان جو ئي هوندو، ڳڙهي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي تقريب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري جو چوڻ هو ته صرف 15 ڏينهن پنجاب ۾ گذاريا ته شينهن ۽ بيٽ ڏڪڻ لڳا، ان وقت کان ڊڄو جڏهن هڪ هڪ ضلعي جو دورو ڪندس، هن چيو ته اسان نٿا سمجهون ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به انصاف ٿيو آهي، اسان جي پارٽيءَ کي ڪڏهن به انصاف ناهي مليو، هميشه کان ئي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، سندس چوڻ هو ته پاناما ڪيس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته انهن سان ڇا ٿو ٿئي ۽ ڇا نه، هن چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان کي نيو ڪليئر پروگرام ڏنو جڏهن به هي چوندا آهن ته پاڪستان کي نيو ڪليئر طاقت نواز شريف بڻايو، هن جو چوڻ هو ته سي پيڪ به اسان جو پروگرام هو، اسان کي افسوس ناهي ته ان تي ڪير پيو پنهنجو حق ڄمائي، سي پيڪ کي پنهنجو منصوبو چوڻ وارن کي نچڻ ڏيو پر تاريخ لکندي ته پيپلز پارٽي اهو منصوبو شروع ڪيو، هن موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته اڄ صرف بجلي ٻيڻ تي مهانگي ناهي ٿي پر پاڻيءَ جي به کوٽ ٿي وئي آهي، اسان وٽ فلسفو، سوچ ۽ غريبن لاءِ پلان آهي جڏهن ته هي صرف ڦڪين ٽيڪسن تائين وڃي سگهن ٿا. آصف زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جو ڏينهن هر سال يادگار ملهائينديا آهيون، شهيد ڀٽو سان ظلم ۽ زيادتيون ٿيون، بي بي شهيد به ڪڏهن پنهنجي ڳالهه نه ڪئي، اها هميشه پاڪستان ۽ عوام جي ڳالهه ڪندي هئي،

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي فيڪٽرين ۾ مزدورن جي لاءِ قانون ٺاهيا، سنڌ جي سمورن شهرن مان ماڻهو اچي رهيا آهن، پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي بنياد ذوالفقار علي ڀٽي وڌي. ڳڙهي خدا بخش ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته ذوالفقار ڀٽي پاڪستان کي ايٽمي ملڪ بڻايو، ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي مضبوط، ايمٽي، جمهوري ۽ ملڪ کي مضبوط ڪرڻ واري خدمت ڪئي. هن چيو ته  2013ع  واريون چونڊيون شفاف نه هيون، اڄ ڀٽي جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي جڏهن ته ڀٽي صاحب ملڪ جون بي شمار خدمتون ڪيون. هن چيو ته ڀٽي هارين کي زمينون ڏنيون، پاڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ هاڻ به هڪ ڀٽي جي ضرورت آهي. اسان جي ملڪ ۾ رڳو نواز شريف ئي محفوظ آهي، نواز شريف پاڻ قبوليون ته لنڊن وارا فليٽ سندس ئي هئا، نواز شريف جي والد اربين رپين جو واپار ڪيو پر ڪو به رڪارڊ ناهي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ قمر الزمان ڪائره چيو ته  شهيد ڀٽو جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ تاريخ ساز شخصيت هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جديد پاڪستان جو باني هو، وڏي وزير سيد مرا دعلي شاهه پاران شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي 38 هين ورسيءَ جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو صنعتون قائم ڪيون، معيشيت کي مضبوط ڪيو، ڀٽو وڏن ملڪن سان برابريءَ جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪيا، ذوالفقار علي ڀٽو مضبوط ۽ آزاد پرڏيهي پاليسيءَ جو بنياد رکيو،.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سياست ۾ انقلاب آندو، بي آءِ ايس پي پروگرام ذوالفقار علي ڀٽي جي منشور جو حصو آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڀني کي پاناما ليڪس جي فيصلي جو انتظار آهي، عمران خان ٻڌائي ته آرمي چيف سان ملاقات ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته آصف زرداري پنهنجي مٿان لڳل الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان پي ٽي آءِ جيان الزامن جي سياست ناهون ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته پ پ ڄمي ميدان ۾ اچي چڪي آهي، ملڪ ۾ پرڏيهي پاليسي جي لاءِ ڀٽو جهڙي ليڊر جي ضرورت آهي.