شڪارپور(بيورو چيف : آغا يونس ) شڪارپور جي ننڍي چونڊ۾ غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پ پ اميدوار افتاب شعبان ميراڻي 989ووٽن تان ڪامياب ٿئي ويو ، شڪارپور ۾ امن امان برقرار رکڻ لا۽ قلم 144 لاڳو رهيو، 

 

ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش نه آيو، 21 پولنگ اسٽيشنس تي 9 هزار پوليس اهلڪار ، 10 ايس پي ۽ 400 کان وڌيڪ رينجرس اهلڪارن ڊيوٽي سرانجام ڏني . خبر موجب ،شڪارپوراين اي 202 جي 21 پولنگ اسٽيشن تي ننڍي چونڊ تي اڄ صبح کان عملي پنهنچي ڪري پولنگ شروعات ڪري ڇڏي پولنگ جو عمل بنا ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي شام جو 5 بجي تائين جاري رهيو ننڍي چونڊ ۾ 10 ايس پيز ۽ 9 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽ عملدارن سميت 400 رينجرس اهلڪارن پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون شڪارپور ضلعي ۾ ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لا۽ قلم 144 لاڳو ڪيوويو شام 5 بجي کان پو۽ ڳڻپ جي عمل جاري ٿيو جنهن کان پو۽ 21 پولنگ اسٽيشنس تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب سابقه ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي 13954ووٽ کنيا جڏهن ته سابقه ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي 981 ووٽ کڻي سگهيا جنهن کان پو۽ ٽوٽل ووٽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي 53067 ووٽ کڻي سگهيو ۽ پ پ اميدوار آفتاب شعبان ميراڻي 53989ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن کان پو۽ ميراڻي هائوس شڪارپور ۽ ڀيو هائوس شڪارپور ۾ ڪارڪنن جهمريون پائڻ لڳا جڏهن اهڙن اطلاعن کان پو۽ پ پ ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي .