دمشق/واشنگٽن پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي جي رپورٽ موجب شامي مبصر تنظيم جو چوڻ آهي ته ميزائيل حملي ۾ ايئر ڪموڊور سميت 6 فوجي ۽ 3 شهري مارجي ويا، جڏهن ته ايئربيس مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو، ميزائيل حملي ۾ الشعيرات ايئربيس جو رن وي، تيل جون ٽينڪون ۽ فضائي نظام ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو،

تنظيم جي سربراهه عبدالرحمان موجب ايئربيس تي سکوئي 22، سکوئي 24 ۽ ايم آءِ جي 23 ويڙهاڪ جهاز موجود هئا، جڏهن ته آفيسرن جو ڪوارٽر به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. پينٽاگون اختيارين آمريڪي ڪارروائي جي تصديق ڪندي چيو ته روس کي حملي بابت اڳ ئي اطلاع ڏنو ويو هو. جڏهن ته ايندڙ حڪم نامي تائين فوجي ڪارروائي روڪي وئي آهي. پينٽاگون جو چوڻ آهي ته ميزائيل حملن کان اڳ روس کي آگاهه ڪيو ويو هو، هوائي اڏي جي ان حصي کي نشانو نه بڻايو ويو جتي روسي فوجي موجود هئا، حملي ۾ ڪيترائي شامي جهاز تباهه ٿيا آهن، وائيٽ هائوس عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل مبينا ڪيميائي حملي جي رد عمل طور تي روسي سمنڊ ۾ آمريڪي سامونڊي جهاز مان شام جي الشعيرات ايئربيس تي 59 ٽام هاڪ ڪروز ميزائيل فائر ڪيا ويا، حملي جو نشانو بڻيل ايئربيس 4 اپريل تي ٿيل خوفناڪ ڪيميائي حملي ۽ شامي حڪومت جي ڪيميائي هٿيارن جي پروگرام سان تعلق رکندو هو، ميزائيل يو ايس ايس پورٽر ۽ يو ايس ايس روس جي ذريعي فائر ڪيا ويا، جيڪي آمريڪي بحريه جي ٻيڙي جو حصو آهي، پينٽاگون ترجمان ڪيمپٽن جيف ڊيوس موجب انهن ميزائلن ذريعي شامي جهازن، ايئر ڊفينس سسٽم، پيٽروليم ۽ لاجسٽڪ اسٽوريج، فضائي دفاعي نظام ۽ ريڊار کي نشانو بڻايو ويو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيني هم منصب کي ذاتي طور تي حملي کان آگاهه ڪيو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شام پابندي پيل ڪيميائي هٿيارن جو استعمال ڪيو، آمريڪا جي قومي سلامتي جي مفاد لاءِ ضروري آهي ته خطرناڪ ڪيميائي هٿيارن جي پکيڙ ۽ استعمال کي روڪيو وڃي،  جڏهن ته شام ايئر بيس تي آمريڪي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي جارحيت قرار ڏئي ڇڏيو آهي، شامي عملدارن موجب حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ ايئربيس تي حملي سبب وڏو نقصان ٿيو، حملي ۾ چار فوجي اهلڪار مارجي ويا، آمريڪي حملي تي ردعمل ظاهر ڪندي شام جي صوبي حمص جي گورنر جو چوڻ هو ته انهن حملن جو مقصد زمين تي موجود دهشتگردن جي حمايت آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حملن بعد ايئر بيس تي لڳل باهه 2 ڪلاڪن تائين ٻرندي رهي، جنهن بعد ان تي ضابطو آندو ويو، مانيٽرنگ گروپ مطابق آمريڪي حملي سان شامي هوائي اڏو مڪمل طور تباهه ٿي ويو، ٻئي طرف شامي مخالف ڌر گروهه آمريڪي حملي جي آجيان ڪندي ان کي شام ۾ جاري حڪومتي بي خوفي جي خاتمي جي اميد قرار ڏنو آهي،