س لفظ گھڻو استعمال ڪيو ويندو آهي مقدس اصل ۾ ان شخصيت يا جاءِ کي ڪوٺيو وڃي ٿو جنهن جو تقدس هجي تقدس جو مطلب آهي احترام هجي ٿو احترام اُهو عمل آهي جيڪو انسان جي سهڻي گُڻ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهڙي عمل وارا وري معاشري اندر بدلي ۾ احترام حاصل ڪن ٿا ڪنهن جاءِ يا شخصيت اسان وٽ اڪثر مقدلاءِ احترام لفظ چوڻ سان احترام نه ٿيندو آهي پر اُهو عملي ظاهر ڪرڻو پوندو آهي

.... جڏهن ته اسان وٽ جيترو هي لفظ استعمال ٿيندو آهي اوترو عمل نظر نه ايندو آهي مذهبي سوچ رکندڙ پنهنجي عقيدت وارن جاين ۽ شخصيتن جو احترام ته ڪن ٿا پر پنهنجي مخالف سوچ وارن جي مذهبي شخصيتن ۽ جاين جو احترام ڪندي نظر نه ايندا آهن اصل احترام ته اُهو لفظ آهي جيڪو هر ڪنهن لاءِ هجي ٿو ٿيڻ ائين گھرجي ته جيترو احترام پنهنجي لاءِ استعمال ڪجي اوترو وري ٻين جي سوچ جو به ڪيو وڃي هوند اهڙي عمل سان نفرت بجاءِ محبت جنم وٺندي ۽ نتيجي ۾ هڪ ٻئي لاءِ احترام به پيدا ٿي پوندو  اسان جي بدقسمتي اِها آهي ته اسين سٺن لفظن ۽ جملن جو سهارو ته وٺندا آهيو پر انهن تي عمل پاڻ نه ڪندا آهيون ان جو سبب اِهو هجي ٿو ته اسان جا اڳواڻ جڏهن اهڙي عمل کان ڏور هجن ته اتي عام ماڻهوءُ ڪهڙي پابندي ڪندو خير مقدس لفظ ايترو پيارو آهي جو اسين هاڻ هر جاءِ لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا پوءِ اُها مسجد هجي يا آستانو ، خير هي ته هجن ئي مقدس ٿا پر ان سان گڏ تعليمي ادارن سميت هر اُهي ادارا جيڪي انسان جي ڪردار سازي جو ڪم ڪن ٿا اُهي مقدس ادارا هجن ٿا انهن مان اسان جون اسيمبليون به شامل آهن جن کي مقدس ادارو چيو ويندو آهي ان ڪري ته هتان قانون سازي ڪئي ويندي آهي ۽ قانون سازي جيڪا اسان جي لاءِ هجي ٿي ان اداري ۾ قانوسازي لاءِ اسين عوام ئي پنهنجا نمائندا چونڊي موڪليندا آهيون اصل ۾ نمائندو اهڙو هئڻ گھرجي جنهن کي قانون سازي جي ڄاڻ هجي ۽ اُهو قانون جو پاڻ پابند هجي ۽ ان مقدس ايوان لاءِ اهل معاشري ۾ پاڻ احترام ڀريو هجي اُهو احترام ڀريو تڏهن ئي هوندو جڏهن ٻين جو احترام ڪندو هجي ..... سو پاڻ سوچڻ تي مجبور آهيون ته جن نمائندن کي اسين ايوان ۾ موڪليون ٿا اُهي سماج ۾ احترام ڀريو ڪردار رکن ٿا يا نه ...... اُهي ٻين جو احترام ڪندا آهن يا نه ......... اُهي قانوسازي جا ماهر آهن يا نه ............ اُهي پاڻ قانون جو احترام ڪندا آهن يا نه ............. اُهي قانون جا پابند هوندا آهن يا نه .............. ؟ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ کان اڳ ٿوري  اسيمبلي ۾ موجود ميمبرن تي نظر ڪجي ته اُهي اسيمبلي جو احترام ڪن ٿا يا نه ......؟ جيڪڏهن هو جنهن اداري کي مقدس چون ٿا ۽ ان جي تقدس جي ڳالھه ڪن ٿا اُهي ان جو تقدس قائم رکندي نظر اچن ٿا يا نه ..........؟ قومي اسيمبلي ۾ حڪمران جماعت  مسلم ليگ ن ۽ مخالف پارٽي تحريڪ انصاف جي ميمبرن ۾ جھيڙو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ معزز ميمبرن هڪ ٻئي تي الرون ڪيو هٿن جو آزاداڻو استعمال ڪيو  ۽ هڪ ٻئي خلاف گٿا لفظ ڳالهايا ڇا  اُهو عمل تقدس باقي قائم رکي سگھيو هوندو ..... جي نه ته پوءِ اهڙن ميمبرن پنهنجي معزز هجڻ واري شناخت به قائم رکي سگھيا هوندا..... کين عوام قانون سازي لاءِ موڪليو هو ۽ کين محترم سمجھي اُهي اتي احترام جا بکيا اُڊيڙي ڇڏين ٿا ، ته پوءِ ڇا چئجي ته عوام اهڙن نمائندن کي لائقِ احترام سمجھندو ، جيڪي پنهنجي ايوان جو احترام ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا هجن ، اُهي ميمبر جڏهن ايوان جو احترام باقي نٿا رکي سگھن ته اُهي پنهنجي پارٽي ۽ قيادت جو ڪهڙو احترام قائم رکي سگھندا هوندا ، ان ڪري ته هر جمهوري پارٽي وٽ سندن ايوان ايترا ئي مقدس سمجھيا ويندا آهن جيترا ملڪي ايوان ...... ظاهر آهي جيڪي ملڪي ايوان جو احترام نه ڪندا هجن اُهي پارٽي جي ايوانن لاءِ ڪئين معزز رهي سگھن ٿا ، پر اُهو ته اتي ئي  ٿي سگھي ٿو جتي جمهوريت هجي اسان وٽ ته جمهوريت به نالي ماتر هجي ٿي پوءِ اُها ملڪ ۾ هجي يا ملڪ جي جمهوري پارٽين ۾ هجي ، جڏهن نالي ماتر جمهوريت تي گذاري ڪرڻ جا پاڻ عادي بڻيل هجون ته پوءِ ظاهر آهي ايوانن ۾ به پنهنجو ڪردار اِهڙو ئي هوندو جھيڙو ملڪ جي چوڏهين اسيمبلي ۾ 26 جنوري تي نظر آيو جنهن مان اِهو ثابت ٿيو ته اسان جي سياسي ڌرين وٽ لفظ ته هجن ٿا پر انهن جي معنيٰ کان واقف  گھٽ هجن ٿا جي چئجي ته کين معنيٰ ۽ مطلب به ايندا آهن ته پوءِ هو عمل کان عاري هجن ٿا ۽ سندن اهڙي عمل سان ايوان جو تقدس پائمال ٿئي ٿو جنهن کي عام ماڻهوءُ به سمجھي ٿو پر نٿو اچي سمجھه ۾ ته کين نٿو اچي ...... جڏهن سمجھدار بي سمجھي جو مظاهرو ڪرڻ لڳندا آهن ته اتي تبديلي صدين ۾ به نه ايندي آهي سو مسلم ليگ ن ۽ تحريڪِ انصاف جيڪو ٽيلر پيش ڪيو اسيمبلي اندر..... ان جو مطلب ڇا ڪڍجي .....؟ ائين ته ناهي ته هاڻ وٽن بحث مباحثي لاءِ مواد نه بچيو آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻئي جا گريبان پڪڙڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ اسيمبلي کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ان جي تقدس کي تقدس جي نالي تي پائمال ڪرڻ لڳا آهن هن قومي اسيمبلي ۾ اُهي منظر ڏسڻ ۾ آيا آهن جيڪي اڳ ڪڏهن به نه آيا هوندا .... شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ ميان نوازشريف به ساڳي ايوان ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ رهي چڪا آهن جڏهن ته ٻئي وزيرِآعظم به .......  پر ڪڏهن به مقدس ايوان جي تقدس کي نظر انداز نه ڪيوويو هو جھڙي نموني نوازشريف جي هن وزارت عظميٰواري دور ۾ ٿي رهيو آهي ......                                                          .