اسلام آباد: جميعت علماءَ اسلام جي سربراهه فضل الرحمان ميڊيا ڳالهائيندي سان چيو ته  هاڻ بگڙجندڙ صورتحال نه پر سنڀلجندڙصورت آهي ٿي وئي آهي، وزير اعظم پنهنجي پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ معاملا ٺيڪ ٿي ويا آهن. هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف ڪٿي به وڃي سياست ان کان الڳ نٿي ٿي سگهي. جميعت علماءَ

اسلام مرڪز ۾ وفاق جي اتحادي پارٽي آهي ۽ آئون وزير اعظم جو باقاعده اتحادي آهيان. ملڪ ۾ ٿيندڙ جلسن جي حوالي سان  هن چيو ته جلسو ڪرڻ هر سياسي پارٽي جو حق آهي، هن واضع ڪيو ته مسئلا هميشه ڳالهين ذريعي حل ٿيندا آهن.منهنجا پ پ سان سٺا لاڳاپا آهن. پاناما جي حوالي سان هن چيو ته احتساب واري معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن سڀ متفق آهن.