تحرير ربنواز راز ڄامڙو

سياستدانن تي ماضي ۾ به قاتلاڻا حملا ٿيندا رهيا آهن پر هن حملي کي انهن سان نٿو جوڙي سگھجي. ڇاڪاڻ ته هي حملو رد عمل آهي .

. پر اهو به ياد رکڻ گھرجي ته ڪنهن به مسئلي جو حل قاتلاڻي حملي ۾ نه آهي . هي حملو به ڪو عام نوعيت جو ناهي سوچڻ جهڙي ڳالھ اها آهي ته هٿيار بند جلسي گاھ يا ڪارنر گڏجاڻي اندر هٿيار سميت ڪيئن داخل ٿيو ؟ اها به اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگھي ته هو اڪيلو هو يا سندس ڪي ٻيا به ساٿي هيا ؟ هڪ ته احسن اقبال  تي ختم نبوت واري بل کان پوءِ مذهبي جماعتون سخت غصي ۾ هيون .ڪافي ڏينهن تائين ڌرڻا به جاري رهيا ،  اهو به ڪارڻ درست ثابت ٿي سگھي ٿو ڇاڪاڻ ته هر  مسلمان ناموس رسول صه تي سر ڏيڻ لاءِ تيار هوندو آهي ٻيو ته اهو ئي شخص جنهن تي مسلمانن جي اندر ختم نبوت واري بل کي تبديل ڪري پيش ڪرڻ تان جيڪا چڻنگ دکي هئي سا به اڃا تائين مڪمل نه اجھامي سگھي هئي جنهن ڪري احسن اقبال حملي تي حملو ٿيو هجي . معس ڪٿي حملو ٿيو “  پنجاب جي علائقي نارووال ۾ تقريب دوران وفاقي وزير احسن اقبال کي اڻڄاتل شخص غملو ڪيو ۽  پسٽل جا فائر ڪري زخمي ڪري وڌو، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال نارو وال جي علائقي ڪنجروڙ ۾ عيسائي ڪميونٽي جي جلسي کي خطاب ڪري جيئن ئي گاڏي ۾ ويٺو ته عابد حسن نالي شخص مٿس پسٽل جون 2 گوليون فائر ڪيون، جن مان هڪ گولي کيس ساڄي ٻانهن ۾ لڳي پيٽ ۾ هلي وئي، ان دوران ايليٽ فورسز جي جوانن جوابدار کي موقعي تي ئي گرفتار ڪري ورتو ۽ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي اڇي رنگ جي شلوار قميص پهريل هئي. هن وفاقي گهرو وزير کي 30 بور جي پسٽل سان فائر ڪيا ۽ 15 گز جي مفاصلي تان گوليون هلايون، جوابدار وٽان پسٽل پڻ هٿ ڪيو آهي. احسن اقبال کي جلد ئي نارو وال جي ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ پهچايو ويو، جتي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي وئي ۽ بعد ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پنهنجو هيليڪاپٽر موڪليو جنهن ذريعي کيس لاهور سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن جو ايڪسري ڪرڻ بعد آپريشن ڪيو ويو، سندس طبيعت ڪافي بهتر آهي. ۽ هو هوش ۾ آهي، ٻئي پاسي صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهدخاقان عباسي ۽ آرمي چيف واقعي جي مذمت ڪئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي. جيڪڏهن ان ڳالھ جو پير کڻجي ته احسن اقبال تي ٿيل حملو ڇاجو رد عمل آهي . ڪنهن به جھنجٽ ۾ پوڻ جي ڪا به ضرورت ناهي ڇاڪاڻ ته معاملو گھڻي ڀاکي صاف ظاهر آهي ۽ جوابدار به اعتراف ڪيو آهي ته احسن اقبال تي حملو مون ختم نبوت واري پيش ڦيرڦار جي ڪري ڪيو آهي  اهڙي قسم جو هن بيان وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي حملو ڪندڙ جوابدار عابد پوليس کي شروعاتي بيان ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ هن چيو ته احسن اقبال جي ختم نبوت جي حوالي سان بيان تي ڏک هو ان لاءِ حملو ڪيو. قاتلاڻي حملي جو فيصلو ذاتي هو، ختم نبوت معاملي تي احسن اقبال تي گولي هلائي. ناررووال ۾ احسن اقبال تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار عابد حسين پوليس اڳيان پنهنجو اعترافي بيان ڏنو آهي. شروعاتي بيان ۾ جوابدار چيو ته شروعاتي پڇا ڳاڇا ۾ هن چيو ته احسن اقبال ختم نبوت جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنو هو ان تي ڏک ٿيو هو ان جي ڪري احسن اقبال تي حملي لاءِ موقعي جي ڳولا ۾ هوس، اڄ جڏهن احسن اقبال عيسائي ڪميونٽي جي تقريب ۾ آيو ته موقعو وٺي حملو ڪري ڇڏيو. جوابدار عابد حسين جي عمر 21 سال آهي ۽ سندس واسطو ان ئي ڳوٺ ڪنجروڙ سان آهي، جتي احسن اقبال ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ هو. جوابدار جي پيءُ جو نالو منظور گجر آهي ۽ ان جو واسطو هڪ مذهبي تنظيم سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس موجب جوابدار جلسي گاهه ۾ موجود هو ۽ خطاب دوران فرنٽ لائن ۾ ويٺو هو. وفاقي وزير تي حملو ڪا عام معمولي ڳالھ ناهي . اگر جيڪو موقف جوابدار پوليس جي سامهو رکيو آهي اهو ڪيتري قدر درست آهي ان باري ۾ به ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گھرجي جيڪڏهن احسن اقبال تي حملي جا پيرا ڪنهن ٻئي پاسي وڃن ته انهن جي پويان به وڃڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته هي پري پلان منصوبو لڳي رهيو آهي جنهن تحت مٿس هي حملو ٿيو هوندو قاتل ته کيس پنهنجي حساب ۾ هن کي ماري چڪو آهي پر مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجھو هوندو آهي رب پاڪ کيس حياتي ڏني آهي اڳتي رب پاڪ کيس ڊگھي ڄمار ڏيندو . ملڪ ۾ ڪجھ خراب قسم جو ٻج ڇٽيل آهي جنهن ڪري هن قسم جا واقعا جنم وٺي رهيا آهن . احسن اقبال کي توڙي جو ذاتي سيڪيورٽي به موجود هئي .تنهن هوندي به مٿس حملو ٿيڻ سمجھ کان مٿانهون آهي جتي پنهنجي دماغي وسعت به نٿي پهچي سگھي . باقي ها ڳالھ تسليم ڪرڻ جهڙي آهي احسن اقبال تي ٿيل حملو رد عمل ضرور آهي ختم بنوت واري رد عمل سان هن واقعي جون ڪڙيون ملي سگھن ٿيون هي ته ابتدائي رپورٽ آهي پر اصلي حقيقت به جلد سامهون اچي ويندي . تيسيتائين ساڻس اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف احسن اقبال تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گهرو وزير تي حملو ڪو معمولي واقعو ناهي پر نوبت ايتري تائين پهچڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي.وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سميت سياسي اڳواڻن وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي، وزير اعظم شاهد خاقان عباسي گهرو وزير تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي به گهرو وزير احسن اقبال جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري احسن اقبال تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گهرو وزير تي حملو افسوسناڪ آهي، اهڙن واقعن کي روڪڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ ترجمان فواد چوڌري به احسن اقبال تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ڪو نه ڪو هن واقعي جو سبب ضرور هوندو جنهن جو هي رد عمل ٿيو آهي . ڇاڪاڻ ته وفاقي گھرووزير تي حملو ڪو معمولي ڳالھ ناهي ڪيڏانهن ته هن حملي پيرا کرا نڪرندا مليل شاهدين جي آڌارا تحقيقات جاري آهي . جوابدار جي پيش ڪيل رد عمل کي به رد نٿو ڪري سگھجي جيڪو هن پوليس اڳيان پيش ڪيو آهي .