سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته نيب جو ادارو پنهنجي ساک برقرار نه رکي سگهيو، پاناما ڪيس تي مان نيب ۽ ايف بي آر مان مايوس آهيان، ان چيو ته اسيمبلي ۾ چيو ويو هو ته ثبوت موجود آهن پر هاڻي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چون ٿا ته اسان وٽ ثبوت ناهن. اعتزاز احسن چيو ته پاناما ڪيس نواز شريف کي مستقبل ۾ به سڪون کڻڻ نه ڏيندو

. پاڪ فوج طرفان شروع ڪيل آپريڊن ردلفساد جي باري ۾ ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جاري موجوده دهشت گردي کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج آپريشن جو اعلان ڪيو آهي.