برسبين (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته اسان 2019ع واري ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي آسٽريليا خلاف ٿيندڙ سيريز جي اهميت کان چڱيءَ ريت واقف آهيون ۽ سيريز جي سٺي طريقي سان شروعات ڪرڻ چاهيون ٿا. .

گابا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اظهر علي جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ ۾ سنئين سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪندڙ ٽيمن لاءِ مقرر ڪيل وقت پورو ٿيڻ وارو آهي. اسان اٺين نمبر تي موجود آهيون ۽ هلندڙ سال سيپٽمبر تائين شروعاتي 8 ٽيمن ۾ شامل رهڻ اسان جو هدف آهي. هن چيو ته آسٽريليا خلاف ان جي سرزمين تي کيڏڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي پر هي رانديگرن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو سٺو موقعو به آهي. ڪارڪردگي ڏيکاري اسان رينڪنگ ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا