هنڱورجا پي پي پي ايم پي اي مير عابد حسين ڀيو چيو آهي ته سنڌ ۾ ٽانگا پارٽين جو وجود ختم ٿي ويو آهي ايندڙ چونڊن ۾ پي پي پي سنڌ مان 95 سيڪڙو سيٽون حصل ڪندي ۽ ملڪ  جي ٻين صوبن ۾ پڻ بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي ايندڙ اليڪشن ۾ بلاول ملڪ جو وزير اعظم ٿيندو 

هنڱورجا جي ڳوٺ جهانگر ۾ خادم حسين جهانگر پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته پي پي پي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي تحريڪ انصاف وارا مشرف جي آمريت جا حامي رهيا آهن اهي سکڻا نعرا هڻي رهيا آهن پي پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي چار نقطن تي نواز شريف حڪومت عمل نه ڪيو ته ڌمام ڌم مست قلندر ٿيندي ۽ پوءِ حڪومت کي اپوزيشن جو پتو پئجي ويندو هن چيو ته سنڌ ۾ تيزي سان ٻين پارٽين جا اڳواڻ پي پي ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ اليڪشن کان اڳ مخالفن جو مڪمل صفايو ٿي ويندو تقريب ۾ بگن جهانگر ،خادم حسين جهانگر ،ٻيا موجود هيا

 

 

هنڱورجا

هنڱورجا ۽ ڀرپاسي ۾ چوپايو مال ۾ خطرناڪ بيماري سبب چوپايو مال جي مرڻ واريون خبرون اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ وٽنري کاتو جاڳي پيو ڊپٽي ڊائريڪٽر وٽنري خيرپور برڪت علي جوڳي جي سربراهي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم هنڱورجا جي ڳوٺ بنگل خان چانگ ،ڳوٺ واٽيه .ڳوٺ سهتو ،ڳوٺ سولنگي ۾ پهچي جانورن کي بيماري کان بچاءِ واري ويڪسيئن ڪئي ۽ مالوندن کي مشورا ڏنا ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري برڪت علي جوڳي ميڊيا کي ٻڌايو ته هنڱورجا ۽ ڀرپاسي ۾ چوپايو مال ۾ برساتن پوڻ کان پوءَ بيماري منهن ڪڍيو آهي ان جي ڪري مالوندن کي گهرجي ته اهي ويجهي وٽنري اسپتالن يا سينٽرن تي رابطو ڪري جانورن کي بيماري کان بچاءِ جا ٽڪا هڻائين هن وڌيڪ چيو ته ڪوتاهي ڪندڙ وٽنري ڊاڪٽرن توڙي عملي کي بخش نه ڪيو ويندو غفلت ڪندڙ عملي جي خلاف سخت ڪاروائي پڻ ڪئي ويندي هن ٻڌايو ته چوپايو مال ۾ گهوگهو ،ڪارو واءِ سميت ٻين بيمارين جي اڳواٽ ويڪسئين ڪرائي وڃي

هنڱورجا

جسقم پاران هنڱورجا ۾ سائين جي ايم سيد جي 113 هين سالگره ملهائي وئي جسقم تعلقي صوڀوديرو جي صدر ڪرم سامٽيو مجيب ڀيلار ،يوسف ميمڻ منان ميمڻ ،۽ ٻين گڏجي سائين جي ايم سيد جو سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو اڳواڻن چيو ته سڀاڻي اڄ جسقم ڪارڪنن جو قافلو صبح جو هنڱورجا کان سن لاءِ روانو ٿيندو

هنڱورجا

سنڌي ادبي سنگت شاخ گڏيجي جي پاران سنڌ جي ڀلوڙ شاعر استاد بخاري جي  87 هين سالگره پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي سالگرهه تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلع خيرپور جي سيڪريٽري پروفيسر مختيار چنو ،ذين سولنگي ،رحيم سولنگي ،غلام حسين چانگ ،قربان گل چنو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته استاد بخاري سنڌ جو وڏو شاعر هيو جنهن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو استاد بخاري جي شاعري ۾ مظلوم ،مسڪين ماروئڙن توڙي سنڌ سان ٿيندڙ ويساه گهاتين بابت آگاهي وارو پيگغام ڏنو استاد بخاري  جهڙو شاعر هن وقت تائين سنڌ ۾ پيئدا ناهي ٿي سگهيو

هنڱورجا

ايران عراق جي مقدس زيارتون ڪري واپس پاڪستان ايندڙ زائرين اڃان تائين پاڪ ايران بارڊر تافتان وٽ ڦاٿل ،زائرين گزريل 16 ڏينهن کان بارڊر تي پاڪستاني هائوس ۾ ترسيل هجڻ جي ڪري سندن وٽ کاڌ خوراڪ جي لاءِ به پيسه ختم ٿيڻ جي ڪري سخت پريشاني جي عالم ۾ مبتلا ٿي ويا آهن اتي سهولتون نه هجڻ ۽ شديد رت سڪائيندڙ گرمي سبب عورتون ،معصوم ٻارڙا سردي برداشت نه ڪري سگهڻ سبب اهي اتي بيمار ٿي پيا آهن هنڱورجا ،راڻي پور ،خيرپور ،سانگهڙ ،حيدر آباد سميت سنڌ جي ٻين شهر ۽ پنجاب جي مختلف علائقن جي زائرين جي قافلن کي سيڪورٽي سبب ڄاڻائي انهن کي گزريل 16 ڏينهن کان پاڪستاني هائوس ۾ ترسايو ويو آهي اتي ترسيل زائرين زواري لياقت علي دايو ،ڪفايت علي سهتو ،عبدالغفور دايو ،حضور بخش مهر جي اڳواڻي ۾ زائرين ڪانوائي نه ملڻ جي خلاف  ٻئي ڏهاڙي به احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي احتجاج ڪندڙن هنڱورجا ۾ صحافين کي فون ڪري ٻڌايو ته اسان کي بنا ڪنهن سبب جي 16 ڏينهن کان سيڪيورٽي سبب ڄاڻائي روڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري اسان وٽ هاڻي ته آوپيسه به ختم ٿي ويا آهن اسان جون عورتون ۽ ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن جيڪڏنهن اسان جي ڪنهن به زوار جي زندگي کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو زميوار پاڪستاني ادار هوندا هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوڙي طور تي اسان کي ڪانوائي ڏئي پنهنجي گهرن ڏانهن موڪلڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ بارڊري  بک هڙتال شروع ڪئي ويندي