هنڱورجا ڀرسان وڌڻ پوٽا پرائمري اسڪول جي زبون حال بلڊنگ جي مرامتي ڪم هلڻ دوران زبون ٿيل چوديواري ڌماڪي سان ڪري پئي ،ڳوٺاڻن جو اسڪول جي بلڊنگ سان گڏ مڪمل چوديواري نئين سر تعمير ڪرائڻ جي لاءِ احتجاج ،انجنئير سان بعد ملاقات ڪري اسڪولي عمارت ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال جي پڻ شڪايت ،انجنئير ٻن ڏينهن کان پوءَ اسڪول جي وزٽ ڪري سمورا مسلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

.تفصيل موجب هنڱورجا ڀرسان پرائمري اسڪول وڌڻ پوٽا جي 18 لک روپيه لاڳت سان مرامتي ڪم هلڻ جي دوران گزريل ڏينهن اسڪول جي چوديواري جيڪا پڻ زبون هئي اها ڌماڪي سان ڪري ديوار ان وقت ڪري جنهن وقت اسڪول کي موڪل ٿي چڪي هئي جنهن ڪري اسڪولي ٻارڙا معجزانه طور محفوظ رهيا ڳوٺاڻن اسڪول جي بلڊنگ سان گڏ مڪمل چوديواري تعمير ڪرائڻ جي لاءِ هادي بخش ،عبدالغفور ،گحافظ محمد ادريس ،ڪامل ،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ۽ چيو ته اسڪول جي چوديواري جيڪا انتهائي ڪمزور هئي اها تازو بارشن پوڻ جي ڪري ڪري پٽ پئجي چڪي آهي هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي بلڊنگ سان گڏ مڪمل اسڪول جي چوديواري تعمير ڪرائي ڏني وڃي ٻئي پاسي  ڳوٺاڻن جي هڪ وفد هادي بخش جي اڳواڻي ۾ بلڊنگس کاتي خيرپور جي انجنئر جانب علي ڀنڀرو سان آفيس ۾ ملاقات ڪري کيس کي اسڪول جي بلڊنگ جي تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال بابت شڪايت ڪندي اسڪول جي ڪريل چوديواري بابت آگاهي ڏيندي چوديواري تعمير ڪرائڻ جي گهر ڪئي جنهن تي انجنئر جانب ڀنڀرو ڳوٺاڻن کي يقين ڏياريو ته ٻن ڏينهن اندر اسڪول جي وزٽ ڪري مرامتي ڪم جو جائزو وٺڻ سان گڏ چوديواري پاڻ ڏسڻ کان پوءِ ان کي به تعمير ڪرايو ويندو