مير پور ماٿيلو (رپورٽ؛ هادي بخش جلباڻي) مير پور ماٿيلو؛ اوٻاوڙي جي ڳوٺ لڪ پور جي ڳوٺاڻي پاران پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي انصاف نه مليو، پيار جو پرڻو ڪندڙ پاران پريس ڪلب پهچي پنهنجي ظلمن جا داستان ٻڌائيندي لڙڪ لاڙي ويٺو، جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور، ڳوٺ جو وڏيرو اسان جي جان جو دشمن بڻجي چڪو آهي،

هن مهل اسان وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھ به ناهي اسان فاقه ڪرڻ تي تي مجبور آهيون، ڪير به اسان جي داد فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، بااثر وڏيرو اسان کي قتل ڪرائڻ چاهي ٿو، ايس ايس پي گهوٽڪي اسان کي تحفظ فراهم ڪري، جوڙي جون ميڊيا سان ڳالهيون، تفصيل موجب اوٻاوڙي جي ڳوٺ لڪ پور جي ڳوٺاڻي نوجوان غلام رسول ڀٽو، ۽ نوجوان ناري زرينا ڌي الاهي بخش ڀٽو ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو، ان حوالي سان  نوجوان ناري زرينا ڀٽو، غلام رسول ڀٽو ميڊيا اڳيان پنهنجي ظلمن جا داستان ٻڌائيندي لڙڪ لاڙي ويٺا، ان سلسلي ۾ پريمي جوڙي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ناري جو پيءِ الاهي بخش ڀٽو، ڀائر ولي محمد، عبدالقادر ڀٽو، سوٽ واحد ڀٽو، عبدالرحمان ڀٽو امام بخش ۽ وڏيرو علي بخش ڀٽو جوڙي جا ويري بڻجي ويا، علائقي جي بااثر وڏيري علي بخش ڀٽو پاران پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي قتل ڪرائڻ لاءِ فورس جوڙي وئي آهي، جنهن بعد اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته اسان وٽ  هن مهل کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھ به ناهي، ۽ اسان فاقه ڪرڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته اسان کي وڏيري توڙي مذڪورا ماڻهن مان جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي، هنن چيو ته علائقي جي وڏيري علي بخش ڀٽو اسان جي جان جو دشمن بڻجي چڪو آهي، ۽ اسان جي ڪير به داد فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ وڏيري خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي..