ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي مسمات سرور خاتون ابڙو چيوته منهنجا ڏير ۽ ڏيروٽ اويس ابڙو،حاڪم ابڙو،حنيف ابڙو،علي خان ابڙو،عبدالغني ابڙو،قلندربخش ابڙو ۽ ٻيا اسان جي26 جريب زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جن کي روڪڻ تي ڄاڻايل جوابدارن اسان جي گهر تي حملو ڪيو ۽ گهر ۾ گهڙي حراسان ڪرڻ لاءِ اسان مٿان هوائي فائرنگ ڪندا رهن ٿا،هاڻ وري هنن اسان مٿان ظلم ڪندي منهنجي نوجوان ڌيءُ 16 سالا سويرا ابڙو کي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اسان غريب مسڪين آهيون اسان کي سندن مان جان جو خطرو آهي،هو لکين روپين جا قرضي آهن جيڪي رقم نه هجڻ سبب منهنجي نياڻي مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو بهتان ڏئي رهيا آهن اسان سندن جي اهڙين زيادتين خلاف ڳاهيجا ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو جنهن تي پوليس ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪري کڻي وئي جن کي بااثر عبدالغني ابڙو پوليس سان ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪرايو،جنهن کان پوءِ هو جان جا ويري بڻجي ويا آهن،سندن جي ظلم ۽ پنهنجي ڌيءُ جي زندگي بچائڻ لاءِ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون،هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس،سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه،هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس،آءِ جي سنڌ ، ڊي جي رينجرز،سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اسان جون زندگيون بچايون وڃن،ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻنداسين.....
BBCSINDHI©2018 بي بي سنڌي ٻين ويب سائيٽ تي شايع ٿيل مواد جي زميوار نه آهي .
هن صفحي کي سٺي نموني سان ڏسڻ لاءِ اپڊيٽ برائوزر جو استعمال ڪيو . جنهن ۾ سي ايم ايس يعني اسٽائل شيٽ جي سهولت موجود هجي ايئن ته اوهان هي ويب سائيٽ پراڻي برائوزر تي به ڏسي سگهو ٿا پر ان ۾ ويب سائيٽ کي مڪمل گرافڪس سان ڏسي نٿا سگهو، جيڪڏهن ممڪن هجي ته براٰءِ مهرباني پنهنجي برائوزر کي اپڊيٽ ڪيو ۽ سي ايم ايس جي ڄاڻ حاصل ڪيو .