هنڱورجا ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو شهر جي بازارن ، چوڪن تي گندگي ۽ برساتي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ۽ گچڪڻ ٿي وڃڻ ڪري موٽر سائيڪلون سلپ ٿيڻ لڳيون ، شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا ، مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو . تفصيل موجب هنڱورجا ۾ ٻن ڏينهن جي وقفي وقفي سان پيل بارش انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي

پنجهٽي بازار ، لڪياري بازار ، مڇر بازار ، سپنا مارڪيٽ ، ڪپڙا مارڪيٽ ، مڇي مارڪيٽ سميت ٻين ڪاروباري مرڪزن ۾ برساتي پاڻي ۽ گٽرن جو پاڻي بيهي وڃڻ سان گڏ گندگي جي ڪري گچڪڻ ٿي وئي آهي جنهن سبب شهرين جي پيادل اچڻ وڃڻ ۾ مشڪلات سان گڏ ڪاروبار متاثر ٿيو آهي ٽي ايم اي توڙي ٽائون انتظاميه پاران صفائي ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين مڇر چوڪ وٽ رسول بخش ڀٽو ، ڪامريڊ ڪانڊيرو خان ، خدا بخش سهتو ، نعيم منگي ، حاجي چانگ ، فوجي شمن سهتو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته برسات رحمت بدران شهرين لاءِ زحمت بڻجي وئي آهي صفائي نه ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري بازارن ۽ چوڪن تي گچڪڻ ٿي وئي آهي جنهن سبب پيادل ماڻهن جي اچڻ وڃڻ به مشڪل بڻجي وئي آهي شهرين کي سخت تڪليف درپيش اچي رهي آهي مڇر چوڪ وٽ روڊس کاتي جو ڪم منظور هجڻ جي باوجود چوڪ وارو روڊ نه ٿو ٺاهيو وڃي جنهن ڪري اتي پاڻي بيهجي وڃي ٿو ڪيترائي ڀيرا ٽائون ۽ ٽي ايم اي توڙي ڊي سي خيرپور کي شڪايت ڪئي آهي پر ڪير به داد رسي نه ٿو ڪري هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ شهر جي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو