هنڱورجا گسٽا جي سڏ تي استادن جي ترقي وارا ٿيل آرڊر رد ڪرڻ ۽ استادن جي سينارٽي لسٽ نه ٺاهڻ تي ڊائريڪٽر تعليم سکر ۽ ڊي اي او تعليم خيرپور جي خلاف هنڱورجا ،رسول آباد ،بچل ڀنڀرو سڳيون اسڪولن ۾ استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي طور تي تدريسي جي عمل ۾ حصو ورتو

جڏنهن ته هنڱورجا ۾ گسٽا ضلعي خيرپور جي اڳواڻ مور سنڌي ،منير احمد کهڙو ،بشير احمد سهتو ،غلام محمد سهتو جي اڳواڻي ۾ ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي او تعليم جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙ استاد اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته ڊائريڪٽر تعليم ۽ ڊي اي او سيڪنڊري تعليم خيرپور استادن جي ترقي وارا ٿيل آرڊر بنا ڪنهن سبب جي رد ڪري استادن سان وڏي نا انصافي ڪئي آهي جڏنهن ته استادن جي سينارٽي لسٽ ٺاهي انهن جا پروموشن ڪرڻ واري حق کان پڻ استادن کي محروم رکيو ويو آهي جيڪا پڻ نا انصافي آهي هنن چيو تجه مزڪوره ٻئي آفيسر استاد دشمن سان گڏ تعليم دشمن آهن جن بابت ڪمشنر سکر ۽ ڊي سي خيرپور کي پڻ آگاه ڪيو آهي هنن صوبائي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي پڻ اپيل ڪئي آهي