مدئجي(رپورٽر) مدئجي ٿاڻي جي حد ٽي شاخي بس اسٽاپ ڀرسان سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٻن هٿيار بندن لاڙڪاڻي واسي موٽر سائيڪل سوار فوجي اهلڪار خان محمد سومرو کي روڪي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائڻ بعد سخت تشدد ڪندي موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري وڃي رهيا هئا ته اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته ڏوهاري ڦر ٿيل موٽر سائينڪل ڇڏي مڇي جي تلاءَ ۾ ڀڄي ويا 

جنهن بعد پوليس وڌيڪ نفري گهرائي مڇي جي تلاءَ کي ڪڙو چاڙھيو جنهن دوران  پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾  فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو،فائرنگ دوران پوليس اهلڪارن ڏير کي باه ڏني بعد  ۾ پوليس اهلڪارن مڇي جي تلاءَ جو سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو سرچ آپريشن دوران پوليس هڪ ڏوهاري محمد وارث ڏيٿو کي پستل سميت پوليس گرفتار ڪري ورتو پوليس پاران ڏوهاري کي پڪڙڻ جي خوشي ۾ هوائي فائرنگ جا ڌوڙيا لاهي ڏنا،گرفتار ڏوهاري کي مدئجي ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ته سوين شھري ڏوهاري کي ڏسڻ لاءِ پهتا ،ان موقعي تي فوجي خان محمد سومرو ميڊيا سان ڳالهيندي ٻڌايو ته مان پنو عاقل ڇانوڻي ۾ ٽيڪنيڪل انجنيئر آھيان ڳوٺ کان پني عاقل وڃي رهيو هيس ته هٿيار بندن مونکي ٽي شاخي اسٽاپ ڀرسان سکر لاڙڪاڻي روڊ تي پسٽل مٿي تي رکي موٽرسائيڪل روڪ رقم ڦر ڪري وڃي رهيا هئا ته مون 15 تي رابطو ڪيو جنهن تي پوليس پهچي وئي ۽ ڏوهاري موٽرسائينڪل ڇڏي ڏير ۾ ڀڄي ويا ٻئي طرف ايس ايڇ او مدئجي شير افضل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽرڪ ڊرائيور پوليس کي ڦر جو اطلاع ڏنو ته پوليس بنادير جاء واردات تي پهتي ته ڏوهاري موٽر سائيڪل ڇڏي مڇي جي تلاءَ اندر ڏير ۾ ڀڄي لڪي ويٺا ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو هلندو رهيو جنهن بعد پوليس ڏير اندر سرچ آپريشن ڪيو جنهن بعد هڪ ڏوهاري محمد وارث ڏيٿو کي هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو ڏوهاري محمد وارث ڏيٿو پوليس اهلڪار قمر ڏيٿي جو ڀاءُ آھي جيڪو پوليس اهلڪار خانپور ٿاڻي تي مقرر آھي. هن چيوته گرفتار جوابدار جو وڌيڪ رڪارڊ چيڪ ڪري رهيا آهيون،آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو......