سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن وچ ۾ پنهنجي پاڻيءَ بابت ۽ گڏيل ڪئنال واري نظام مان حددخلين جي خاتمي لاءِ ته جيئن آبپاشيءَ جي پاڻيءَ جي فراهمي روانيءَ سان ٿي سگهي ۽ ڏوهارين جي چرپر کي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل سيڪريٽريز جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اهو فيصلو اڄ ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن سيد مراد علي شاهه ۽ ثناءُ الله زهري جي ملاقات ۾ ڪيو ويو.

اهو فيصلو اڄ ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن سيد مراد علي شاهه ۽ ثناءُ الله زهري جي ملاقات ۾ ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جماليءَ خاص طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير مير جان محمد جمالي، ايم پي اي مير دوستان خان ڊومڪي، ايم پي اي طارق مگسي، صوبائي صلاحڪار حاجي خان لهري، ايم پي اي ماجد ابڙو، ايم پي اي مير عاصم ڪرد، ايم پي اي اظهار حسين کوسو، سيڪريٽري زراعت بلوچستان سليم اعواڻ، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جي معاونت صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي، منظور حسين وساڻ، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ڄام مهتاب ڏهر ۽ سيڪريٽري ايريگيشن جنيد ميمڻ ڪئي. سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ بين الصوبائي مسئلن بابت اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جماليءَ بلوچستان حڪومت پاران اٿاريا جيڪي پٽ فيڊر، کيرٿر ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ کوٽ، پٽ فيڊر ڪئنال جي بندن تان حددخلين جي خاتمي ۽ کيرٿر ڪئنال ۾ نڪاسيءَ واري پاڻيءَ جي پمپنگ، آر بي او ڊي III منصوبن جي بروقت تڪميل ۾ دير ۽ حب ڊيم جي ذخيري (پاڻي) جي سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ غيرمنصفاڻي ورهاست جهڙا مسئلا شامل هئا. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جماليءَ بلوچستان حڪومت طرفان انهن مسئلن کي اٿاريو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کين ان حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪيو.   سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بلوچستان صوبو وڌيڪ پاڻي پٽ فيڊر ڪئنال، گڊو بئراج ۽ کيرٿر ڪئنال آف نارٿ ويسٽرن مان حاصل ڪندو آهي، ان سان گڏوگڏ بلوچستان اوچ کان به پاڻي حاصل ڪندو آهي جتان 700 ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي ۽ مينوٿي ڪئنال جتان 600 ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي ۽ گڊو بئراج وٽ بيگاري ڪئنال ۽ ڊزرِوِ ڪئنال کان 707.55 ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته گڊو بئراج مان پاڻيءَ جي فراهميءَ متعلق ڪابه شڪايت نه آهي يا ايئن چئجي معمولي شڪايت آهي. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته سنڌ صوبو بلوچستان جي حصي واري پاڻيءَ جي معاهدي کان وڌيڪ پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن بلوچستان جي حصي ۾ سڌوسنئون آئوٽ ليٽ مان پاڻيءَ جي فراهمي کي ڳڻيو وڃي. ان حقيقت کي مڃيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سکر بئراج جي کيرٿر ڪئنال مان پاڻيءَ جي کوٽ بابت ڪجهه شڪايتون آهن. هن پاڻيءَ جي کوٽ جا ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته سکر بئراج ۾ تلاءَ جي سطح کي بهتر ڪيو ويو آهي، انڪري نارٿ ويسٽرن ڪئنال ۽ دادو ڪئنال پنهنجو مڪمل ڊسچارج نه پيا ڪن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سموري نظام ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جنهن وٽ ايريگيشن جي وزارت جو قلمدان به آهي ان تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي صوبن جي آبپاشي واري سيڪريٽرين تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ان مسئلي تدارڪ جي لاءِ حل ڳولهي سگهي. بلوچستان جي وڏي وزير ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته اسان ٻئي ڀائر آهيون ۽ گڏيل صلاح سان انهن مسئلن کي حل ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان جو وڏو وزير وڌيڪ سنڌ ۾ رهندو آهي، انڪري سنڌ جو به ان تي برابر جو حق آهي، ان اها ڳالهه خوشگوار انداز ۾ ڪئي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته پٽ فيڊر ڪئنال جي بندن سان گڏ RD.0 کان RD.125تائين حددخليون آهن جيڪو سنڌ جو حصو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀل صفائي ۽ ان سان پاڻيءَ جو وهڪرو به بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مکيه پٽ فيڊر ڪئنال زيرو کان 172 ڪلوميٽرن کي ريموڊيليٽ ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي وهڪري ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، جنهن مان 1860 اضافي پاڻي ڊسچارج ٿيندو. جنهن سان بلوچستان جي حڪومت ضلعي نصيرآباد ۽ جهل مگسيءَ جي پڇريءَ تائين جي 205000 ايڪڙ زمين کي هارپي جي قابل بڻائي سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير لاڙڪاڻي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هُو بلوچستان حڪومت جي صلاح سان حددخلين کي هٽائي. بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهريءَ چيو ته سنڌ صوبو شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ ڳڙهي ياسين جي نالن جي ڪئنالن ۾ وڏي مقدار ۾ گندو پاڻي آر ڊي 83 ۽ آر ڊي 152 تي نارٿ ويسٽ ڪئنال ۾ پمپ ڪندو آهي. هن چيو ته گندي پاڻيءَ سبب کيرٿر ڪئنال جي ڪمانڊ ۾ پاڻيءَ جو معيار متاثر ٿي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين سان گڏ فصلن ۾ به بيماري پيدا ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اٽڪل 350 ڪيوسڪ گندو پاڻي نارٿ ويسٽ ڪئنال ۾ پمپ ڪيو پيو وڃي، جيڪو نارٿ ويسٽ ڪئنال جي نيڪاسيءَ جي گنجائڻ جو چار سيڪڙو آهي ۽ عام طور تي پنچو واٽر (سارين جي پوکيءَ وارو پاڻي) نارٿ ويسٽ ڪئنال ۾ ضايع ڪيو ويندو آهي ۽ اهو پاڻي سنڌ جي ڪمانڊ ايريا ۾ به ورهايو ويندو آهي ۽ اتي پيداوار جي حوالي سان ڪنهن به قسم جا نقصان سامهون ناهن آيا. هن چيو ته گرينيگ آر ڊي 102 مان ورتل پاڻيءَ جي نمونن کي ٽنڊو ڄام زرعي ليبارٽريءَ جي ٽيسٽ رپورٽ مطابق پاڻي آبپاشيءَ جي مقصدن لاءِ صحيح آهي.   آر بي او ڊي III مڪمل ٿيڻ واري مسئلي کي اٿاريندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته هتي بلوچستان جو 765 ڪيوسڪ گندو پاڻي، هيراءُالدين پمپ اسٽيشن کان 600 ڪيوسڪ ۽ چُکي مان 165 ڪيوسڪ پاڻي گذارڻو هو پر ڪم ۾ دير ڪري بلوچستان جي زمين تباهه ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آر بي او ڊي II تي واپڊا ڪم شروع ڪيو هو، جيڪو فنڊن جي کوٽ ڪري متاثر ٿيو ۽ اهو وفاقي حڪومت جو منصوبو آهي، انڪري سنڌ حڪومت ان حوالي سان ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته جيستائين آر بي او ڊي II مڪمل نه ٿيندو، آر بي او ڊي III تي واپڊا ڪم شروع نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته سندس ڪجهه رپورٽس آهن ته منصوبي کي منظوريءَ لاءِ ايڪينڪ ۾ اماڻيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي شهدادڪوٽ جي رهواسين کي بلوچستان کان مکيه نالن مان گذرندڙ ٻوڏ واري پاڻيءَ جي حوالي سان سنگين خدشا آهن ۽ ان سان انهن جي ڪپهه ۽ سارين جي فصل خراب ٿيندي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وفاقي حڪومت سان ڪيترائي ڀيرا فيصلا ٿيا آهن ته هئرڊن ڪيريئر ڊرين I، هئرڊن ڪيريئر ڊرين II ۽ آئوٽ فال نئين الاٽمينٽ تحت ٿيندا، بارون سيف الله بلوچستان جي نيڪاسي واري پاڻيءَ لاءِ شامل ڪيو ويندو. بلوچستان جي وڏي وزير سنڌ جي وڏي وزير تي زور ڀريو ته هُو بلوچستان مان گذرندڙ ٻوڏ واري پاڻيءَ کي کي آر بي او ڊي کان گذارڻ لاءِ هڪ اضافي سائيفون (Siphon) ڏئي. سنڌ جي وڏي وزير تجويز سان اتفاق ڪندي سيڪريٽري آبپاشيءَ کي هدايت ڪئي ته هُو ٻين سائيفون کي کولڻ کان پهرين علائقن جو دورو ڪري رپورٽ پيش ڪري.     بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته حب ڊيم جو 72 سيڪڙو حصو بلوچستان ۾ آهي ۽ 28 سيڪڙو سنڌ صوبي ۾ آهي پر سنڌ صوبو 63 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري رهيو آهيو ۽ جڏهن ته بلوچستان کي 37 سيڪڙو پاڻي ملندو آهي. هن چيو ته شراڪتي فارمولو 1980ع ۾ ڪيو ويو هو، جڏهن حب جي علائقي جي صنعتي ۽ پيئڻ واري پاڻي جي گهرج تمام گهٽ هئي. هن سنڌ جي وڏي وزير تي زور ڀريو ته ذخيرو ڪيل پاڻيءَ جي ورهاست جو جائزو وٺي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڻيءَ جي ورهاست جو اهڙو ڪو به فارمولو رڪارڊ تي موجود نه آهي. هن چيو ته حب ڊيم جو آپريشن ۽ سارسنڀال واپڊا ڪندو آهي. هن  سيڪريٽري آبپاشيءَ کي هدايت ڪئي ته هُو ان کي هڪ تفصيلي رپورٽ ڏئي ته جيئن ان مطابق گڏ ٿيل پاڻيءَ جي ورهاست منصفاڻي ريت ڪري سگهجي. ٻنهي وڏن وزيرن مارچ جي مهيني ۾ ڪوئٽا ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس گهرائڻ تي به اتفاق ڪيو، جنهن ۾ اڄوڪي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير بلوچستان جي اعليٰ سطحي وفد لاءِ مانجهاندو به ڏنو ۽ انهن کي يادگاري شيلڊ، سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ سنڌي موسيقي جي سي ڊي پڻ پيش ڪيون.