سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته آدمشماري جي ڪل بجيٽ 18.5 بلين آهي ۽ اها 15 مارچ کان 25 مئي تائين جاري رهندي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب آدمشماري جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته

وزيراعظم جي ڌيان جو مرڪز عوامي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ آهي، ملڪ ۾ آخري آدمشماري به وزيراعظم نوازشريف جي حڪومت ۾ ڪرائي وئي هئي، پاڪ فوج جي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان هلندڙ آپريشنز جي ڪري آدمشماري پهرين نه ڪرائي وئي، آدمشماري ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ کي به ڳڻيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو کدڙن کي به ڳڻيو ويندو، آدمشماري جي عمل ۾ صرف سرڪاري ملازمن کي استعمال ڪيو ويندو، مقامي ماڻهو ئي پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي گهر شماري ۽ آدمشماري ۾ حصو وٺندا، بي گهر ماڻهن کي به ڳڻيو ويندو ۽ سمورا ملازم پنهنجي ڊيوٽي وارن علائقن ۾ پهچي چڪا آهن، آدمشماري کانسواءِ عوام جي حقيقي نمائندگي سامهون نٿي آڻي سگهجي. هن چيو ته غلط ڄاڻ ڏيڻ تي 15 هزار رپيا ڏنڊ ۽ 6 مهينن تائين قيد ٿي سگهي ٿي، هڪ لک 18 هزار 918 ماڻهن کي تربيت ڏني وئي آهي، هر پاڪستاني کي ڳڻيو ويندو ۽ اسان کي نادرا جو مڪمل تعاون حاصل هوندو، هن واضح ڪيو ته آدمشماري هڪ آئيني ذميواري آهي، اسان جو ملڪ ڇهين آدمشماري ڪرائڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، ڇوته اسان 19 سالن بعد ان عمل مان گذري رهيا آهيون، تنهن هوندي به اسان سڀني لاءِ هي سکڻ جو موقعو هوندو. اسان هٿياربند فوج جو ٿورائتا آهيو ته اها آدمشماري جي عمل کي پرامن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، بلوچستان جي سينسس ڪميشن بابت سمورا افواهه غلط آهن. مريم اورنگزيب چيو ته افغان پناهگيرن جو تعداد ڪيترو آهي، ان کي ڳڻيو ويندو ۽ تڪبنديون به آدمشماري جي بنياد تي ڪيون وينديون. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل فيصلو ڪيو آهي ته آدمشماري ۾ پاڪ فوج جي خدمت ورتي وڃي. هن چيو ته سيڪيورٽي مسئلن جي ڪري ٻن مرحلن ۾ آدمشماري ڪرائي پئي وڃي، هن ٻڌايو ته هر اينيوميريٽرز سان هڪ سپاهي هوندو. آرمي چيف هدايت ڪئي آحي ته آدمشماري لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. آدمشماري جي عمل کي صاف ۽ شفاف بڻايو ويندو، ڪوڙ ڳالهائڻ يا غلط ڄاڻ ڏيندڙ کي ڏوهه سمجهيو ويندو، آدمشماري ۾ ٻه لک ماڻهو حصو وٺندا. هن ٻڌايو ته ماسٽر ٽرينرز هر شهر ۾ وڄي اينيوميريٽرز کي ٽريننگ ڏني آهي، اسان جو ڪوبه سپاهي يا اينيوميريٽر اڪيلو نه هوندو، هن سان گڏ سيڪيورٽي جو پورو نيٽ ورڪ موجود هوندو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته آدمشماري جي عمل کي سيڪيور بڻائڻ ۾ سمورا سيڪيورٽي ادارا حصو وٺندا. هن چيو ته پاڪ فوج هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، عوام کي اپيل آهي ته ڪنهن به شڪي سرگرمي جو اطلاع سيڪيورٽي ادارن کي ڏنو وڃي.