پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور کان فيصل آباد تائين ريلي جي قيادت ڪئي، مختلف جاين تي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ترقي پاڪستان ۾ نه پر جاتي اُمرا ۾ ٿي رهي آهي، حڪمرانن جي ذاتي لاڳاپن تي پرڏيهي پاليسي نه هلندي، شريفن پنجاب جي عوام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، وري نعرا هڻي رهيا آهن ته ملڪ ۾ ڏاڍي ترقي ٿي رهي آهي،

حقيقت ۾ ڪا به ترقي نظر نه پئي اچي، تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين، پهريون ڀيرو فيصل آباد آيو آهيان، تاريخ گواهه آهي ته وڏين تحريڪن جي شروعات هميشه عاجزاڻي هوندي آهي، نواز شريف پنهنجو سرمايو ٻاهر رکيو، ميان صاحب پنهنجي ملڪيت بچائڻ لاءِ پاناما ليڪس ۾ پنهنجي ٻارن کي اڳيان آندو آهي، ٻيو شريف رڳو شو بازيون ڏيکاري رهيو آهي، شوباز شريف جو پنجاب ۾ صحت، تعليم ۽ امن و امان جو نظام فيل ٿي ويو آهي، هاڻي سندس دماغ به خراب ٿي ويو آهي، هو وزيراعظم ٿيڻ جا خواب پيو ڏسي، آصف زرداري جي دور ۾ سڏايل اي پي سي جي فيصلن تي عمل ڪرايو وڃي، پ پ پنهنجي 4 مطالبن تي قائم آهي، موجوده ڪرپٽ سسٽم مان نڪرڻ لاءِ عوام کي ٻاهر نڪرڻو پوندو، ڪنهن دور ۾ شيخوپورا جا چانور دنيا ۾ سڀ کان بهترين سمجهيا ويندا هئا، انهن جي خوشبو سان دنيا مهڪندي هئي، پر حڪومت جي زراعت دشمن پاليسي سبب هاري بکون ڪاٽي رهيا آهن، 2017ع نجات جو سال آهي، حڪومت خلاف تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي، هاڻي تمام جلد عوام کي نواز شريف ۽ شهباز شريف کان ڇوٽڪاري جي خبر ملندي، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت خلاف ريلي بلاول ڀُٽو زرداريءَ جي سرواڻيءَ ۾ ڦول مارڪيٽ پهتي ته جيالن پاران پ پ چيئرمين جو مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ گل جي ورکا ڪئي، ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداريءَ سگيان پل تي استقبالي ڪئمپ ۾ جيالن کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي جماعت آهي، مان پنهنجي والده جي مشن کي جاري رکندس، پ پ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده ڪرپٽ سسٽم مان نڪرڻ جي لاءِ عوام کي گھرن مان ٻاهر نڪرڻو پوندو، اسان هِن ڪرپٽ نظام خلاف آهيون، پيپلز پارٽي پنهنجي چئن مطالبن تي قائم آهي ۽ اهي پورا ڪرائيندي، شريفن پنجاب جي عوام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، پنجاب اوليائن جي سرزمين آهي، حڪومت پنجاب جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، حڪمران کائيندا ظالمن سان گڏ آهن ۽ ڳالهه مظلومن جي ڪندا آهن، پابندي پيل تنظيمن جي حفاظت ڪندا آهن انهن مان ڇوٽڪارو ماڻڻو آهي، جڏهن ته شيخوپورا ۾ بلاول ڀٽو ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته شريف ڀائر نعرا هڻي رڳيا آهن ته ملڪ ۾ ڏاڍي ترقي ٿي رهي آهي، درحقيقت ملڪ ۾ ڪا به ترقي نظر نه پئي اچي، جنهن ملڪ ۾ هاري ۽ مزدور بکئي پيٽ سمهڻ تي مجبور هجن، ترقي رڳو ميڊيا جي اشتهارن تي ئي نظر اچي رهي آهي. شيخوپوره ۾ ريلي ۾ شريڪ ٿيلن سان خطاب ڪندي هن چيو ته ڪنهن دور ۾ شيخوپوره جا چانور دنيا ۾ سڀ کان بهترين سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن چانورن جي خوشبو سان دنيا مهڪندي هئي پر حڪومت جي زراعت دشمني پاليسي جي ڪري ڪٿان جي ناهي رهي. هن چيو ته جڏهن ته حڪومت آئي آهي ڪڻڪ، ڪپهه، چانور، ڪمند ۽ مڪئي سميت هر قسم جو فصل تباهه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت فصلن تي سپورٽ پرائس مقرر ڪئي هئي پر ان حڪومت مرغي ۽ انڊن تي سپورٽ پرائس ڏئي ڇڏي جيڪو سندن ڪاروبار آهي.