پاڪ افغان سرحدي علائقي چمن ۾ افغان فورسز جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي، ڇڪتاڻ سبب باب دوستي اچ وڃ لاءِ بند ڪئي وئي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب .

افغان فورسز چمن ويجهو آدمشماري ٽيم تي بنا جواز فائرنگ ڪئي، جڏهن ته رهائشي علائقي مٿان گولا پڻ اڇلايا ويا. افغان فورسز جي فائرنگ ۽ گولا باري ۾ شروعاتي طور هڪ پاڪستاني شهيد ۽ 45 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. واقعي بعد اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي زخمين کي منتقل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ زخمين ڌم ڌڻي حوالي ڪيو، جنهن بعد شهيد ٿيلن جو انگ انگ وڌي 9 ٿي ويو. ڀرپاسي جي رهواسين کي علائقا ڇڏڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته باب دوستي پڻ ٻنهي طرفان کان اچ وڃن لاءِ بند ڪئي وئي آهي. افغان فورسز طرفان ڪيتري وقت تائين فائرنگ ۽ گولا باري جاري رهڻ سبب پاڪ فوج جا وڌيڪ دستا گهرايا ويا، جنهن جي جوابي ڪارروائي بعد افغان فورسز جون چوڪيون خالي ڪيون ويون