قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم کي ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائر کان بچڻ لاءِ ڪينگروز خلاف شيڊيول ون ڊي سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي..

پنهنجي هڪ بيان ۾ عظيم بيٽسمين جاويد ميانداد جو چوڻ هو ته ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جي دٻاءُ آهي، تنهن ڪري ڪينگروز خلاف ون ڊي سيريز سولي نه هوندي، رانديگرن کي ڪاميابي لاءِ ٽنهي شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو