لاهور. بيديان روڊ تي وين تي آپگهاتي ڌماجي نتيجي ۾ 4 فوجين سميت 6 ڄڻا شهيد جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. بيديان روڊ تي مانانوالا چوڪ تي بيٺل وين ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ مردم شماري ٽيم ۾ شامل 4 فوجين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جن ۾ سپاهي رياض، ساجد ۽ عبدالله جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي

جڏهن ته هڪ شهيد ٿيل جوان جو تعلق پاڪستان ايئر فورس سان آهي ۽ ڌماڪي ۾ هڪ وقت تائين 6 ڄڻا شهيد ۽ 10 زخمي ٿي چڪا آهن. زخمين کي سي ايم ايڇ ۽ جنرل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. آپگهاتي ڌماڪي ۾ مردم شماري ٽيم کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جن ۾ سخت زخمين جا آپريشن جاري آهن.