مدئجي (رپورٽر) مدئجي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ جو سنڌ بچايو سجاڳي مارچ مين بس اسٽينڊ سکر لاڙڪاڻو روڊ تي پهتو جتي پارٽي ڪارڪنن,سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ شهرين پاران سندن جو شاندار استقبال ڪندي گلن جي ورکا ڪئي, جنهن دوران مارچ ۾ شامل ماڻهن پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. سنڌ بچايو سجاڳي مارچ جي احتجاجي ريلي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، شوڪت تنيو،

سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر عمره سمون، ڪلثوم هاليپوٽو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر ماما اشرف رند، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري دريا خان زنئرو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪبير ڀيل، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، مهراڻ سنڌي، ذوالفقار ميراڻي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عوامي تحريڪ سنڌ جي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ اهو پيغام کڻي سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، واهڻن، وستين ۽ گهٽين ۾ نڪتي آهي ته هڪ طرف سنڌ جو پاڻي هٿ وٺي بند ڪري سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي ۽ 5 ڪروڙ سنڌين کي پاڻي لاءِ تڙپائي تڙپائي مارڻ جي منظم سازش سٽي ويئي آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب ڪربلا وارو منظر آهي. ڪربلا ۾ يزيد پاڻي بند ڪيو. هي حڪمران اڄوڪي دور جا يزيد آهن، جن سنڌ جو پاڻي بند ڪيو آهي ته ٻي طرف سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ دنيا جي رولاڪ لکين غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ ڏيئي، ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي ۽ بحريا ٽائون جوڙيون سنڌ دشمن اسڪيمون جوڙيو پيو وڃن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته عوامي تحريڪ هميشه سنڌ جي زندگي ۽ موت جهڙن مسئلن تي عوام سان سڌي طرح رجوع ڪندي آهي ۽ پوءِ لکين سنڌ جي ماڻهن کي گڏ ڪري پُرامن جمهوري جدوجهد ذريعي سنڌ دشمن قوتن کي پُٺ تي هٽڻ تي مجبور ڪندي آهي. هن وقت به عوامي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ سجاڳي مهم هلائي رهي آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر جدوجهد جي آئيندي مرحلي ۾ لکين سنڌ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي وجود جي پهرين ڏينهن کان وٺي ملڪ ۾ شامل قومن جي بنيادي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا آهن. خاص ڪري سنڌ جي پاڻي، ناڻي، روزگار، معدني وسيلن، تيل، گئس، پيٽرول، زمينن ۽ اقتدار اعلى تي بار بار قبضا ڪيا ويا آهن. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جا حق غضب ڪري عالمي سامراج جي پُڇ لٽڪائو ڪرپٽ حڪمرانن کي مڙهيو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ملڪ جي ناقص پرڏيهي پاليسي جو نتيجو هي نڪتو آهي ته اڄ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ بدامني عروج تي آهي. آمريڪا جي ڊالرن جي عيوض انتهاپسند طالبانن کي ٽريننگون ۽ هٿيار ڏيئي مچائي مواڙ ڪيو ويو ۽ هاڻي پاڪستان جو عوام محفوظ نه آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن پاڪستان جي گهرو وزير احسن اقبال تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ملڪ جي امن امان جي صورتحال اِها آهي ته وفاقي گهرو وزير به محفوظ نه آهي ته باقي ملڪ جي 20 ڪروڙ عوام کي جاني ۽ مالي تحفظ ڪهڙو هوندو؟ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته عالمي سامراج نواز ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيستائين حقيقي بنيادن تي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ۽ عوام دوست پرڏيهي پاليسي نه جوڙي ويندي تيستائين ملڪ مان دهشتگردي ۽ بدامني جو خاتمو نٿو ٿي سگهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف اٿي کڙا ٿين ۽ عوامي تحريڪ جي سنڌ بچايو سجاڳي مارچ ۾ شامل ٿي پنهنجو قومي فرض ادا ڪن.. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، شوڪت تنيو، مهراڻ سنڌي، غلام نبي کوسو، سرتاج احمد چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جون مرڪزي اڳواڻ عمراه سمون، ڪلثوم هاليپوٽو، سڀاني ڏاهري، حسنه ٻائيتار، زينت ٻائيتار، ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، اظهرباغي,دائود ڏاهري، ظهير جوڻيجو,ماما اشرف رند، دريا خان زنئور,ضميرگهانگهرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.آخر ۾ ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن سنڌ يونيورسٽي ۾ شهيد ڪيل سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ شهيد عاشق جوڻيجو جي مزار تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي...