ميهڙ (پ ر 7 مئي) اڳوڻي سينيٽر ۽ پي ٽي آئي سنڌ جي سينيئر نائب صدر صداقت علي جتوئي مختلف ڳوٺن ۾ پهچي تعزيتون ڪيون ۽ پارٽي ڪارڪنن سان ملاقاتون ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته

اسان جي حڪومت ۾ هميشه عوام جي خدمت ٿي آهي پيپلزپارٽي وارن سواءِ پنهنجا پيٽ ڀرڻ جي ڪجهه به ناهي ڪيو سنڌ سڄي تباهه ٿي چڪي آهي سالن کان حڪومت ۾ ويٺل پيپلزپارٽي پنهنجن وزيرن کان سواءِ ڪنهن کي روٽي ڪپڙا مڪان نه ڏئي سگهيا آهن هن چيو ته اسين پرامن ماڻهو آهيون 12 مئي تي ڪراچي جي حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ جلسي جو اعلان ٻڌندي ئي پيپلزپارٽي ٻر مان ٻاهر نڪري آئي آهي ۽ پنهنجي روايت دهرائيندي اسان جي جلسي واري هنڌ جي پويان پئجي وئي آهي سڄي سنڌ کي لٽڻ بعد هاڻي پيپلزپارٽي ڪراچي وارن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ نڪتل آهن ڪراچي پرامن شهر آهي پر هاڻي پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم وانگر هن شهر کي لساني فسادات طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي هر صورت ۾ اسان جو جلسو حڪيم سعيد شهيد گرائونڊ تي ٿيندو پيپلزپارٽي کي جلسن جو شوق آهي ته هو ڳڙهي خدا بخش ۾ وڃي جلسا ڪري ڪارڪن پنهنجي قائد عمران خان جي استقبال جون ڀرپور تياريون ڪن