نبيل گبول چيو آهي ته مڪمل طور پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو آهيان. نبيل هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي لياريءَ سميت سڄي ڪراچيءَ ۾ مشهور ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندس. هن چيو ته آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ۾ ڪي شڪايتون نه ٿيون. هن چيو ته لياري پيپلز پارٽيءَ جو ڳڙهه هو ۽ رهندو. نبيل گبول چيو ته ڀٽو ازم پاڪستانين جي دل ۾ هميشه رهندو.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان ترقيءَ جي نئين منزل طئي ڪندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عوام کي بلاول ڀٽو ۾ ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو جو عڪس نظر ايندو آهي.