انقره(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي ترڪي پهچي ويو، جتي ترڪيءَ جي راندين واري وزير سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم نواز شريف ترڪي ۾ ٿيڻ واري پنجين پاڪ-ترڪ بچاءَ واري ڪائونسل جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي

، خرم دستگير ۽ خاص صلاحڪار طارق فاطمي سميت اعليٰ عملدار به وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم ترڪ قيادت سان ٻه طرفه، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي صلاح مشورو ڪندا، دوري جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ معاهدن تي به صحيون ڪرڻ جو امڪان آهي.