اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته چترال جهاز حادثي جي جاچ رپورٽن مان ڪجھه نه نڪرندو، هر ڪو پنهنجو پاڻ بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو. هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي شعيب اختر چيو ته منهنجي خيال ۾ به نه هو ته حادثو ٿيندو. سعيد انور سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي،

هن چترال اچڻ جو چيو، جنيد جمشيد هميشه الله جي ڳالهه ڪندو هو، هو تمام نيڪ انسان هو، هميشه ياد رهندو. شعيب اختر وڌيڪ چيو ته جنيد جمشيد اعليٰ اخلاق جو مالڪ هو، هُن سڀني کي معاف ڪرڻ جو سبق سيکاريو. جنيد جمشيد سان ٻه هفتا اڳ ملاقات ٿي هئي، هُن ۾ اها خاصيت هئي ته هو اعليٰ اخلاق رکندڙ هو. هن چيو ته آئون مصروف هئس ان ڪري چترال وڃي نه سگھيس. شعيب اختر جو چوڻ هو ته موت ته الله ڏيندو آهي پر حفاظتي انتظام پڻ ڪرڻ گھرجن، حفاظت تي لاپرواهي نه ڪرڻ گھرجي، هڪ هتي جي عدالت آهي ۽ ٻي آخرت ۾ لڳندي، سڀني کي جواب ڏيڻو آهي.