چمن بارڊر تي فائرنگ کانپوءِ افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳين ڪاررواين تي لهي پيو آهي، افغان فورسز طرفان طورخم بارڊر تي پاڪ فوج جي اقبال پوسٽ تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 5 پوسٽن تي فائرنگ جاري آهي..

رپورٽن موجب افغان فورسز چمن بارڊر تي فائرنگ کانپوءِ هاڻ طورخم بارڊر تي پاڪستاني پوسٽن کي نشانو بڻايو آهي. افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز طرفان طورخم بارڊر تي 5 پوسٽن تي فائرنگ جاري آهي، جڏهن ته پاڪ فوج طرفان پڻ افغان فورسز جي حملي جو ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي