سوات : وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سياسي مخالف جنهن تبديليءَ جو خواب ڏٺو اها ناهي آئي، سوات جي منيگورا ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄوڪو عوامي جوش ڏسي دل چئي رهي آهي ته جيئو مينگورا جيئو، وزيراعظ نواز شريف چيو ته اڄ مينگورا کي هيليڪاپٽر تان ڏٺو آهي، اهي ئي پراڻا ۽ ڀڳل ٽٽل روڊ آهن، وزيراعظم

چيو ته 2013ع ۾ مينگورا جو عوام تبديليءَ جي آسري ۾ نه اچي ها ته اڄ مينگورا جي حالت اهڙي نه هجي ها، عوام جو جذبو ٻڌائي پيو ته هو جنهن تبديليءَ جي انتظار ۾ هئا اها ناهي آئي. وزيراعظم چيو ته مون کي تبديلي ڏيکاريو، ڪٿي آهي، اصل تبديلي ته هاڻي ايندي، جيڪا اسان آڻي رهيا آهيون. وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته مخالف چوندا آهن ته عوام روڊن تي ايندو، پهريان روڊ ته ٺاهيو پوءِ عوام روڊ تي اچي، روڊ هوندا ته عوام روڊن تي ايندو نه، وزيراعظم سوات ۾ ڪڊني اسپتال بابت چيو ته ڪڊني اسپتال پنجاب طرفان هتان جي عوام کي تحفو آهي، وزيراعظم سوات جي نوجوانن جي لاءِ تربيت لاءِ ٽريننگ سينٽر جوڙائڻ جو اعلان پڻ ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته چڪدره کان ڪالام تائين 133 ڪلومٽر موٽر وي طرز جھڙو روڊ ٺاهيو ويندو، وزراعظم سيدو شريف ايئرپورٽ کي وري فعال ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته قومين منصوبن ۾ بدلاءَ آڻي رهيا آهيون، اسان جي تبديلي بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به نظر اچي ٿي، وزيراعظم نواز شريف سوات اسٽيڊيم ۾ آسٽر ٽروف لڳائڻ جو اعلان پڻ ڪيو، هن چيو ته اڄ پاڪستان پاڪستان جي مٽاسٽا وارو ناڻو رڪارڊ تي پهچي چڪو آهي